گندي سياست ۽ ملڪ جو مستقبل

امتياز عالم

بدتميزيءَ واري طوفان جي لپ کن پاڻي جي گندي سياست کان وڏا سياسي اختلاف تھ ڪھڙا ختم ٿيڻا ھئا،انهن جي ھٿان ٻوڏ جي آفت ۽ معاشي بدحالي تي قومي ۽ عالمي توجھ بھ گھٽجي ويو آھي، هڪ طرف وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو عالمي امداد ۽ قرضن ۾ رعايت جي  لاءِ گڏيل قومن ۽ ان جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف عمران خان ان نھايت اھم سفارتڪاري جا بخيا اڊيڙڻ ۽ ھر حال ۾ ( جيڪي ھاڻي گھڻو ڪري مارچ ۾) چونڊن ۽ ان بعد نيئن آرمي چيف جي مقرري جي لاءِ ٻيو ڀيرو ڪاھ ڪرڻ جي تياري ڪري  رھيو آھي.ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي ۽ قرض ۾ ٻڏو پيو آھي۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل بار بار عالمي امداد ۽ قرضن ۾ ڇوٽ  جي اپيل ڪري رھيو، پر اسلام آباد جو خوفناڪ سياسي منظرنامو انتھائي مختلف پيغام ڏئي رھيو آھي،تھ نھ ڄاڻ ڪڏھن حڪومت ھلي وڃي يا وري سياسي طوائف الملوڪي ملڪ کي پنھنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏي. اهڙي صورتحال ۾ڪيرماحولياتي تباھي تي ڪروڙين پاڪستانين ۽ تباھ حال ڪافي علائقن جي مدد تي سنجيدگيءَ اختيار ڪندو.

اھا گندي سياست ئي آهي جنهن ملڪ کي درپيش ٻن وجودي بحرانن يعني ٻوڏ جي تباهي ۽ معاشي بحران تان نھ رڳو ڌيان هٽرايو بلڪھ عمران خان سميت تحريڪ انصاف سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا مھم هلائي ته مالي امداد موجوده حڪمران ھڙپ ڪري ويندا.

ڄڻ ته اھو چيو ويو هو ته پاڪستان جي مدد نه ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪئي وئي ته اها کائجي ويندي.

ان کان اڳ اسان ڏٺو آهي ته عمران حڪومت ڪيئن مالياتي ڏيوالي ۽ معاشي تباهي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙي ڇڏيو ۽ بي اعتمادي کان پوءِ جون تائين معاشي ڏيوالپڻي جون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون ھيون ۽ پوءِ  نئين حڪومت جون آءِ ايم ايف سان ڳالھيون ٿيون ۽ ٿيل معاھدي کي اڳوڻي حڪومت جي ناڻي واري وزير شوڪت ترين بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي.

شرمسار ٿيڻ جي بجاءِ ڪاوڙ ان ڳالهه تي ڪئي وئي تھ  ڇو ۽ ڪنهن هنن جي ٽيليفون گفتگو کي ٽيپ ڪيو ھو ؟

ان گندي سياست جي هٿان، نھ مذهب محفوظ آهي،نھ رياست ، سياست گارين جي نذر ٿي وئي،مڪالمو زهر بڻجي ويو آهي، طاقتور ادارن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سوين جتن ڪيا ويا ھئا.

آرمي چيف جي مقرريءَ جو  آئيني عمل خراب ڪيو ويو، عدليه جي معاملن ۾ فوجداري توهين عدالت ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن جهڙي اداري جي مٽي پليد ڪئي وئي، ميڊيا کي گند جي ٽوڪري  ظاھر ڪيو ويو آهي، انهن جي روئي ڪري صحافت تي جيڪو ڪارو  داغ آهي. عالمي طاقتن سان بي مقصد ٽڪراءُ ڪيو ويو جيئن عوامي مقبوليت ملي، نه ڪو نظريو، نه ڪو مقصد. حقيقي آزاديءَ لاءِ بي يقيني مرڻ مارائڻ جون چڙ ڏياريندڙ ڳالھيون،ٿورو ڪو هنن احمقن کان پڇي تھ ھڪ جديد نوآبادياتي رياست، جنهن تي اميرن جو قبضو آھي،جنھن جي معيشت قرضن ۾ ٻڏل آھي،ھٿ ڦھلائيندڙ آھي جيڪا عالمي طاقتن جي ڳيجھو آھي ۽ جيڪا مفت خور (ايئن ئي جيئن خود خان صاحب) جي حقيقي آزادي جي لاءِ ھنن وٽ جيڪڏھن ڪو  حقيقي انقلابي پروگرام ناھي تھ ڪو حقيقت پسنداڻو متبادل پروگرام ڪھڙو آھي .

اهي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جي حوالي سان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت تي تھ خوب باھ پيا ڪڍين پر ٻوڏ ۽ ٻوڏ ستايلن جي ٿوري گھڻي توجھه جي لاءِ بھ انھن جا حقدار ناھن رھيا. ۽ نه ئي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سندن حڪومتن ڪو امدادي ڪارروايون ڪيون آهن. محترمه ثانيه نشتر ان پريشاني ۾ ڦاسي وئي آهي ته پي ٽي آءِ جي ٻن صوبائي حڪومتن کي احساس پروگرام جو حصو ڪيئن بڻايو وڃي.ٻئي طرف 13 پارٽين جي ٻن ووٽن جي اڪثريت جي بنياد تي ٽڪيل ڪمزور حڪومت ڪري بھ ڇا ٿي سگھي.

عمران خان فوري طور تي چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جيڪو  رڳو ٻوڏ متاثر پاڪستان جي ٽئين حصي کان محروم ڪري ئي پورو ٿي سگهي ٿو.

مارچ تائين پاڻي گهٽجڻو آهي ۽ چونڊون سڀ کان وڌيڪ آگسٽ/ سيپٽمبر ۾ ئي ممڪن ٿي سگهن ٿيون، اهو به تڏهن جڏھن وڌيڪ طوفاني برساتون ۽ ٻوڏون نه ٿيون اچن.ڀلا ٻن چئن مهينن ۾ ڪهڙي قيامت نازل ٿي پوندي،

گندي سياست تھ  ٻوڏ متاثرين جي بحالي نھ ٿيڻ ۽ نئين سر تعمير ۾ دير تي بھ  ڪري سگهجي ٿي. ان کان پوءِ سندس ٻيو مطالبو نئين آرمي چيف جي مقرري جو آهي،آخر اھو ھن جي ھٿ ۾ ڪيئن ۽ ڇو سونپيو وڃي.اهو وزيراعظم جو استحقاق آهي ۽ اهو آئيني طريقو آهي. سياسي مخالفن لاءِ  ان کي فٽبال ۾ تبديل ڪرڻ جي بدران اهو بهتر ٿيندو ته سينيئر ترين کي اھو حق ڏنو وڃي.

ٻوڏ سبب معيشت جي خراب حالت کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي. مستقبل ڏاڍو پريشان ڪندڙ آهي. هن وقت پاڪستان تي 97 ارب ڊالرن جو پرڏيهي قرض آهي. بلاول ڀٽو ٻوڏ ۽ قرضن جي حوالي سان تمام سٺي لائين ورتي آهي. کيس خبر هئي قرض تھ معاف ڪيا ويندا، نه ئي ھن وري ھٿ ڦھلايو.ھن جو زور  ماحولياتي انصاف ۽ عالمي ماحولياتي بحران جي حوالي سان  وڏن وڏن ماحول خراب ڪندڙن ادارن جي سامھون  پيش ڪيو آهي ته جيئن انهن جي هٿان ٿيل  ماحولياتي تباهي جي ازالي جو ڪيس بھتر نموني پيش ڪيو وڃي.

وزيراعظم آءِ ايم ايف جي سربراهه کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجي پروگرام جي شرطن ۾ نرمي ڪري ۽ 3 بلين ڊالر جي رقم گڏيل طور ادا ڪري، ناڻي واري وزير پيرس ڪنسورشيم ملڪن کان 10 ارب ڊالرن جي قرض جي ري شيڊيولنگ جي درخواست ڪئي آهي. فرانس جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، قرضن جي واپسي بدران ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ قرضن جون قسطون استعمال ڪرڻ جي سندن تجويز کي تمام گهڻي قبوليت ملي آهي. جڏهن ته ٻوڏ جي نقصانن جو اندازو لڳائڻ ايندڙ مهيني تائين ممڪن ٿي ويندو، جنهن جي بنياد تي اسلام آباد ۾ ڊونرز ڪانفرنس پڻ ٿي سگهي ٿي. آمريڪي صدر جو بائيڊن به پاڻي ۾ غرق پاڪستان جي ڀرپور مدد جي اپيل ڪئي آهي. آڪٽوبر، نومبر عالمي امدادي مهم لاءِ انتهائي اهم هوندا ۽ هي ئي اهو وقت آهي جڏهن عمران خان پاڪستان جي سريلنڪا بڻجڻ جي امڪان کي حقيقت بڻائڻ لاءِ اسلام آباد تي فيصلائتي ڪاھ  ڪندو، اھا رڳو گندي سياست ئي نھ آهي،خطرناڪ سياست بھ آھي، جيڪا نه عوام جي مفاد ۾ آهي ۽ نه ئي ملڪ جي مستقبل لاءِ ڪو مثبت سونئڻ آهي. عوامي سياست يا پاپولزم واري اهڙي جمهوريت مخالف، جمهوريت دشمن ۽ معاشي تباهي واري ايجنڊا ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه آئي آهي. جيڪڏهن بني گالا مان اهڙي تباهي وارو قافلو بر آمد ٿيو تھ نھ ڄاڻ  راولپنڊي مان ڇا برآمد ٿي ويندو؟ ڇا عمران خان اهو ئي چاهي ٿو؟.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.