حيدرآباد ۾ سومرا برادري جي ماڻهن جو قتل خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر ) قاسم آباد جي رهواسي سومرا برادري پاران عثمان سومرو قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ خلاف ڪالهه 52 هين ڏينهن  به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال جاري رکي. ان موقعي تي ممتاز سومرو، ذولفقار سومرو، طيب سومرو ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته پورهيت عثمان سومرو کي 15 آڪٽومبر 2021 تي قتل ڪيوويوهو جنهن جا قاتل قاسم آباد جي اڳوڻو مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ واجد خاصخيلي آهن جيڪي آزاد گهمي رهيا آهن، جڏهن ته مقتول جي برادري جا 16 ڄڻا بي گناهه جيل حوالي آهن. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته سرڪاري عهدن جو ناجائز استعمال ڪندڙ آفيسر شاهي جو نوٽيس وٺي غيرقاني ڪمن کان روڪيو وڃي. ۽ مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.