باڊهه ۾ پاڻي کوٽ خلاف سوين آبادگار سراپااحتجاج، ريلي، ڌرڻو

باڊھ (ن ع آ ) رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ پنيھڙ شاخ ۽ ڌامراھ واھ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ جي خلاف سوين  آبادگارن ۽ ھارين رئيس  ھادي بخش جوڻيجو،عبيدالله ڪانڌڙو،مقبول  ڪانڌڙو،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ھال کان آبپاشي کاتي جي آفيس تائين ھٿن ۾ بئنر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات سبب اسان جو سڀ ڪجھ تباھ ٿي ويو آھي جنھن جو ڪو به ازالو نه ٿو ڪري سگھي پر افسوس آھي ته ھزارين ايڪڙ زرعي زمين آباد ڪندڙ پنيھڙ شاخ ۽ ڌامراھ واھ ۾ زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي آبپاشي کاتي جي عملدارن بااثر ماڻهن کان پئسا وٺي رائيس ڪئنال جي موندر شاخ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آھن جنھن ڪري پنيھڙ شاخ توڙي ڌامراھ واھ ۾ زرعي پاڻي نه ٿو پھچي نتيجي ۾ ھزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل سڪي سڙي رھيو آھي . ھنن چيو ته قرض پکا کڻي مهانگي اگهه تي زرعي ڀاڻ ٻج ۽ دوائون ورتيون آهن جيڪڏھن فوري طور تي زرعي پاڻي جي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته اسان جو فصل تباھ ٿي ويندو ۽ علائقي جي ھارين ۽ آبادگارن کي وڏو مالي نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي ھنن آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته باڊھ جي پنيھڙ شاخ ۽ ڌامراھ واھ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي مالي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.