ڏوڪري ڀرسان ٽينٽ سٽي ۾ ٻارڙو گيسٽرو وگهي فوت، متاثر بکن ۾ پاهه

ڏوڪري  ( رپورٽ : قاضي آفتاب ) ڏوڪري ڀرسان آريجا يونيورسٽيءَ لڳ انڊسٽريل ايريا ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ سهولتون اڻلڀ آهن متاثر بکن تي پاه ٿي ويا جڏهن ته انتظاميا پاران سندن  ڪابه سار نه لڌي وئي آهي 6 سالن جو ٻارڙو گئسٽرو سبب فوت ٿي ويو آهي هوڏانهن ڏوڪري جو سول جج علي رضا کوکر ٽينٽ سٽي پهتو، برسات متاثرن جج آڏو سهولتون فراهم نه ڪرڻ جون دانهون ڪيون آهن ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ متاثر 6 سالن جو جنيد پٽ غلام عباس جوڻيجو گيسٽرو ۽ جهٽڪي جي بيماري سبب فوت ٿي ويو آهي فوتي ٻارڙي جي والد ۽ ٻين متاثرن جو چوڻ آهي ته اسان جا گهر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن مجبور ٿي هتي ويٺا آھيون پر هتي ڪي به سهولتون ناهن ڏنيون ويون،ويتر اسان کي اٿاريو وڃي ٿو،هتي ٻارڙا بيماري ۾ وٺجي ويا آھن، هوڏانهن ڏوڪري جي سول جج ۽ جڊيشنل مئجسٽريٽ علي رضا کوکر ڏوڪري ڀرسان انڊسٽريل زون ۾ برسات متاثرن لاء قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو.ٽينٽ سٽي ۾ موجود برسات متاثرن جج آڏو دانهيو تہ کين راشن، ٽينٽ سميت علاج ۽ ٻيون سهولتون نہ ٿيون ڏنيون وڃن ۽ سندن ٻارڙا بيمار آهن سندن علاج نہ ٿو ڪيو وڃي. ڏوڪري جي جج متاثرن کي خاطري ڪرائي ته کين کائڻ لاء راشن ۽ بيمار ٻارن لاء علاج جي سهولت مهيا ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.