طبي ماهرن ڪينسر جي علاج لاءِنئون طريقو ڳولي ورتو

طبي ماهرن ڪينسر جهڙي موتمار بيماري جي علاج ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي.

ماهرن موجب ڪينسر جي علاج لاءِ هڪ نئون طريقو تجربي هيٺ آهي جنهن تحت هڪ عام وائرس جي ذريعي ڪينسر سان متاثر ٿيل خلين کي تباهه ڪيو ويو.

انسانن تي ان جي ٽرائل مان شروعاتي نتيجا ڪارائتا ثابت ٿيا آهن.

ماهرن ان تجربي ۾ هرپيز وائرس کي ٽرائل لاءِ استعمال ڪيو. ٽرائل جي شروعاتي مرحلن ۾ ان طريقي جي علاج ۾ محفوظ رهڻ جي جاچ ڪئي وئي هئي.

ٽرائل ۾ شامل ڪينسر جي آخري اسٽيج تي پهچندڙ مريضن ۾ ڳوڙهي جي نشوونما بيهارڻ ۽ ختم ڪرڻ ٿيڻ کي دريافت ڪيو ويو.

ٽرائل ۾ شامل اڻيتاليهه ورهين جو مريض ڪينسر جي آخري اسٽيج تي پهتو هو جنهن جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪو به علاج موجود نه هيو، پر ان ٽرائل جو حصو ٿيڻ سان هن بيماري کي ناڪام بڻائي وڌو.

هن انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته ٻه هزار ويهن ۾ کيس ڪينسر جي آخري اسٽيج بابت ڄاڻ ملي جنهن تي ڊاڪٽرن کيس ٻڌايو ته ڪو آپشن ناهي ۽ سندس حياتي کي بچائڻ ناممڪن آهي، ان موقعي تي کيس ٽرائل جو حصو بڻايو ويو.

ماهرن موجب ٽرائل دوران هرپيز وائرس جي هڪ ورزن کي استعمال ڪيو ويو جنهن کانپوءِ مريض صحتياب ٿي ويو.

مريض ٻڌايو ته ان ٽرائل ۾ کيس پنجن هفتن ۾ هر هفتي ٻه انجيڪشن لڳايا ويا جنهن سان سندس ڪينسر ختم ٿي ويو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪينسر مان جان ڇٽندي ٻه سال گذري ويا آهن ۽ کيس يقين نٿو اچي ته هي ڪرشمو ڪيئن ٿيو، ان جي وضاحت لاءِ هن وٽ لفظ ناهن.

نتيجن مان ثابت ٿيو ته چئن مان هر هڪ مريض کي ان مان فائدو ٿيو آهي. جڏهن ته ماهرن ٻڌايو هرپيز وائرس سان مريضن جا چپ ڦاٽي پوندا آهن ڪجهه مانهو آرام سان ڪينسر کي هارائيندا آهن.

هنن اهو دريافت ڪيو ته ان علاج واري طريقي سان هاڃيڪار اثر ٿيندا آهن ، گهڻو ڪري مريضن کي بخار، ٿڌ ۽ ٿڪ جهڙين علامتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

ماهرن ٻڌايو ته وائرسز انسانيت جا پراڻا دشمن آهن پر تازين تحقيقن ۾ امڪان مليا آهن ته ڪينسر جهڙين خطرناڪ بيمارين جو علاج ڪرڻ ۾ وائرسز ڪارائتا ثابت ٿيندا آهن.

هنن چيو ته ان تجربي جو دائرو وڏو ناهي پر شروعاتي نتيجن ۾ حوصلا مليا آهن جنهن مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته وڏي پيماني تي ٽرائل ۾ به سٺا نتيجا سامهون ايندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.