بابر جي سينچريءَ سان فارم ۾ واپسي، انگلينڊ کي 10 وڪيٽن تان شڪست

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪپتان بابر اعظم جي شاندار سينچري ۽ محمد رضوان جي بهترين اننگز جي مدد سان انگلينڊ کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 برابر ڪري ڇڏي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ طرفان مليل 200 رنسن جو هدف پاڪستان 3 بال اڳ ۾ بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري ورتو.

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم 66 بالن تي 110 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 11 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته محمد رضوان 51 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 88 رنسون ٺاهيون.

ان کان اڳ انگلينڊ جي ڪپتان معين علي ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مهمان ٽيم مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهيون.

فل سالٽ 30، ايليڪس هيلز 26، بين ڊڪٽ 43، هيري بروڪ 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪپتان معين علي 23 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 55 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.

پاڪستان طرفان حارث رئوف، شاهنواز ڏاهاڻي 2-2، جڏهن ته محمد نواز هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.