مشهور اداڪارا جنهن 17 سال پاڻي ناهي پيتو

مشهور مصر جي اداڪارا سماح انور دعويٰ ڪئي آهي ته هن صحت جي مسئلن سبب سترنهن سال پاڻي ناهي پيتو.

هڪ خانگي ميڊيا چينل کي انٽرويو ڏيندي سماح انور چيو ته جڏهن به هوءَ سادو پاڻي پيئندي آهي ته ان جي صحت تي هاڃيڪار اثر ٿيندا آهن.

هن ٻڌايو ته پاڻي پيئڻ سان سندس پيٽ ۾ سور ٿيندو آهي ۽ جسم ۾ تڪليف ٿيندي آهي.

 

سماح انور چيو ته ضروري ناهي ته سڌو پاڻي پيئجي. فروٽ، سبزين، ڪافي ۽ سافٽ ڊرنڪ سان به جسم کي پاڻي ملي ويندو آهي. هن جي جسم کي جيتري پاڻي جي ضرورت هوندي آهي اهو کيس ملي ويندو آهي.

هن ٽي وي تي ڪيترين ئي سوالن جي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

هن سندس مڙس ۽ پٽ جي موت بابت سوالن جا جواب نه ڏنا ۽ ٻڌايو ته ذاتي زندگي بابت هوءَ اهي ڳالهيون ٻاهر نٿي ٻڌائي سگهي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته کيس احساس آهي ته ذاتي زندگي ۾ دخل اندازي غلط ڳالهه آهي. ننڍپڻ کان هوءَ ٻڌندي آئي آهي ته ذاتي زندگي بابت ڳالهائڻ اهڙو عمل آهي جنهن سان ڪنهن کي فائدو ناهي ۽ ان جي اڻواقفيت ڪنهن کي نقصان به نه ڏيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.