بدقسمتي آهي ته پاڪ ڀارت ۾ امن قائم نه ٿي سگهيو: ترڪ صدر

نيويارڪ(م ڊ)ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي جي اميد ظاهر ڪئي آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن  جي مدد ڪري. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي آزاد ٿئي 75 سال ٿي ويا آهن ۽ اها وڏي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اڃا تائين اهي ٻئي هڪ ٻئي جي وچ ۾ امن ۽ يڪجهتي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ناهن ٿيا. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ۽ دعا ڪريون ٿا ته ڪشمير ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي ايندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.