آڌي رات جو ڪيل تيل قيمتن ۾ تبديليءَ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تبديليءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ جڏهن ته گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول جي اگهه ۾ 1.45 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد في ليٽر پيٽرول جو اگهه 235.98 رپيا ٿي ويو آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي ۽ ان جي پراڻي قيمت 247.43 رپيا برقرار رکي وئي آهي. گاسليٽ جي اگهه ۾ 8.30 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن بعد گاسليٽ جي في ليٽر قيمت 210.32 رپين مان گهٽجي 202.02 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 4.26 رپيا في ليٽر جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن بعد نئون اگهه 197.28 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.