ڪئمپن ۾ ترسيل ماڻهو رڳو چانور کائي کائي بيمار ٿي ويا، وڌيڪ 25 ڄڻا فوت

ڪراچي / حيدرآباد / سکر (نمائندا) سنڌ ۾ مليريا ۽ گيسٽرو وگهي وڌيڪ 25  حياتيون ضايع ٿي ويون، وڌيڪ هزارين ماڻهو مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا، قمبر ۾ ڊگري ڪاليج ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر ڳوٺ نودمان واسي 3 سالن جي رحيمان چانڊيو ۽ ڳوٺ در محمد چانڊيو جي رهواسڻ ست سالا  نينگري فرزانا  چانڊيو ۽ 12 سالن جي رشيده چانڊيو مليريا وگهي فوت ٿي وئي . اڪري ڀرسان ڳوٺ وزير علي ابڙو واسي پيرسن حضور بخش ابڙو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، جنهن بعد اڪري ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو وگهي فوتين جو انگ 23 ٿي ويو. شهدادڪوٽ جي ڳوٺ تاجو بروهي ويجهو ريلوي ٽريڪ تي قائم ڪيل ٻوڏ متاثر ڪئمپ ۾ 7 ورهين جو غلام قادر بليدي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو. ميرپورٻرڙو ڀرسان ڳوٺ علي شير ٻرڙو ۾ 20 ورھين جو نوجوان عبدالحميد پٽ غلام نبي ٻرڙو بخار ۾ فوت ٿي ويو. سيوھڻ ۾ بينظير بستي جي قائم ٽينٽ سٽي ۾ ڳوٺ باغ يوسف جو رهيل ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻو سائينداد ولد لعل بخش ٽالپر دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. متاثرن موجب رڳو چانور کائڻ سبب بيمار ٿي پيا آهيون،  ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ گمبل شاھ جو رھواسي فقير ميھر علي سولنگي ڊينگي سبب ٺارو شاهه اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. مٺياڻي ڀرسان ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ 40 سالن جو عبدالله سولنگي مليريا ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. واهي پانڌي جي ڳوٺ سڄڻ جي پئي ۾ معصوم ٻارڙو  حمزه ولد حاجي احمد لنڊ مليريا وگهي فوت ٿي ويو، مهيني دوران ڪاڇي ۾ فوتين  جو انگ وڌي 30 ٿي ويو. پنوعاقل جي ڳوٺ حسين ٻيلي ۾ 2 گلن جهڙا معصوم ٻارڙا محمد اويس پٽ مجاهد انڍڙ ۽ دلشير مهر پٽ قربان مهر گيسٽرو سبب فوت ٿي ويا. ڪوٽڙي جي گلشن شهباز ڪيمپ ۾ بلوچستان واسي ارباب جمالي جي معصوم نينگري بيماري سبب فوت ٿي وئي،  ميھڙ ۾ انڊس هاءِ وي تي رليف ڪئمپ ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺ خدابخش خاصخيلي جو رھواسي 4 سالن جو معراج کوسو فوت ٿي ويو، جڏھن ته ساڳئي ئي گھر مان 4 ٻارڙا صنم، سيما، سرتاج کوسو سميت 4 ٻارڙن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آھي، واضع رھي ته ساڳئي ڪئمپ جو ھڪ ٻارڙو 2 ڏينھن اڳ فوت ٿي ويو ھيو جنھن جي امڙ لاش کڻي روڍن تي روئيندي رھي، جيڪا ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ھئي، پر اڃا تائين انتظاميه توڙي صحت کاتي ڪو به تحرڪ نه ورتو آھي. ڪڪڙ ۾ ڳوٺ علي بخش جوڻيجو ۾ وڏيرو عبدالحليم جوڻيجو جو 15سالن جو پٽ بابو عرف عبدالرحيم ڊينگي بخاروگھي فوت ٿي ويو نينگر 8 ڪلاس جو شاگرد ھو، ٻي طرف ساڳئي ڳوٺ ۾ 3ورھين جو معصوم ٻارڙو ساجن سولنگي مليريا ۾ فوت ٿي ويو. مانجهند تعلقي ۾ 3 ڏينهن ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، سن واسي مرحوم امام بخش ميمڻ جي گهرواري ۽ نياڻي گيسٽرو سبب فوت ٿي ويون، سن واسي پيرسن  احمد ملاح، احسن پليجو ۽ ڳوٺ ڪوٽائي چانڊيا واسي پيرسن جلال چانڊيو فوتين ۾ شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.