زيرو پوائنٽ ڪٽ مسئلي تي حڪمران ڌر سياست ڪري رهي آهي

ڊگھڙي (ن ع آ) جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته زيرو پوائنٽ وٽ ڪٽ معاملي تي حڪمران ڌر سياست ڪري رهي آهي،حڪومتي رٽ ختم ٿي چڪي آهي وزير اعلي سنڌ کي استعيفي ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظھار هن ڊگهڙي ۾ پاڻي جا قدرتي لنگهھ بحال ڪرائڻ ۽ زيرو پوائنٽ تي لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ نڪتل ريلي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته زيرو پوائنٽ ڪٽ مسئلي تي حڪمران ڌر سياست ڪري رهي آهي ڇو ته حڪمران ڌر جا ڪجهھ ايم پي اي ۽ ايم اين اي زيرو پوائنٽ ڪٽ جي حمايت ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪجهھ مخالفت ڪري رهيا آهن،عوام پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، وزير اعلي اچي ٿو دورو ڪري واپس هليو وڃي ٿو پر ڪٽ ڏيڻ لاءِ فيصلو نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي وڏي وزير کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته پراڻ ۽ ايل بي او ڊي تان قبضا ختم ڪري پاڻي جا قدرتي لنگھه بحال ڪيا وڃن، اسان عوام سان گڏ هئاسين ۽ رهنداسين.، اسان هميشه عوامي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.