برطانوي ماڊل آئما بيگ جي غير اخلاقي فون ڪال ليڪ ڪري ڇڏي، ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني گلوڪارا آئما بيگ تي برطانوي ماڊل طلولا ماير الزام مڙهيو آهي ته هن پنهنجي مڱيندي سان ڌوڪو ڪندي هڪ ٻئي شخص سان لاڳا جوڙي ڇڏيا آهن.

اهڙي الزامن کانپوءِ آئما بيگ ۽ طلولا ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ ۾ شامل آهن.

برطانوي ماڊل جي دعويٰ آهي ته آئما منهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ قيس احمد سان لاڳاپن جي ڪري شهباز کان ڌوڪو ڪندي رشتو ختم ڪيو آهي.

ماڊل قيس احمد، آئما بيگ ۽ شهباز شگري سان ٿيندڙ سوشل ميڊيا تي ڳالهه ٻولهه جا اسڪرين شاٽ به شيئر ڪيا آهن.

هاڻي طلولا هڪ وائيس ڪال به ليڪ ڪئي آهي جيڪا امڪاني طور آئما ۽ قيس جي آهي جنهن ۾ اعتراض جوڳي ۽ غير اخلاقي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي.

تنهن هوندي به اهڙن الزامن تي گلوڪارا آئما بيگ طرفان هن تائين ڪا به ترديد يا تصديق سامهون نه آئي آهي.

طلولا اها به دعويٰ ڪئي آهي ته آئما پنهنجو سوشل ميڊيا اڪائونٽ معطل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ هوءَ پاڻ کي بچائڻ چاهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.