70 رڪني ڪابينا لاءِ پئسا ڪٿان ايندا؟ محمد زبير

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته مان 70 ميمبرن واري ڪابينا جو دفاع نه ڪندس، جڏهن اسان وٽ زهر کائڻ لاءِ پئسا ناهن ته 70 وزيرن لاءِ پئسا  ڪٿان پيا اچن، ڊان نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان اهو نه چوندس ته معيشت ٺيڪ ٿي ويندي، سٺا ڏينهن اچڻ وارا آهن، ايئن نه پيو ٿئي، نوازشريف فوري چوندن جو حامي آهي پر شهبازشريف چيو ته اتحادي جماعتن سان گڏجي فيصلو ڪنداسين، اتحادين فوري چونڊن جو مطالبو رد ڪيو، تڪڙيون چونڊون نٿيون ٿي سگهن، هن چيو ته عمران خان جي ويڙهه اسٽيبلشمينٽ سان آهي، هو چاهي ٿو ته سڀ هينڊز اپ ڪن ۽ هن جي ڳالهه ٻڌن،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.