پراڻ ڍوري ۽ ايل بي او ڊي جي پاڻي لاڙ کي تباهه ڪري ڇڏيو

ٽنڊوجان محمد(رپورٽ:علي احمد جروار) لاڙ پٽ جي علائقن انب موري، بالو جا ڪنب ديهھ ٻسئو چوهٺ، ڳوٺ نياز محمد ڪپري، ڳوٺ پنهون  لغاري، ڳوٺ عبدالله بجير، جهڏو شهر، ڳوٺ علي آباد، ٽيڊي موري، ڳوٺ رفيق ڪمبوه، ڳوٺ رمضان خشڪ، ڳوٺ  علي بخش خشڪ، ڳوٺ احمد خان کوسو، ڳوٺ ڌڻي بخش کوسو، روشن آباد، حيات خاصخيلي، محمد ڀٽي،  يوسي، سمن سرڪار، پنگريو، پير بودلو، ڳوٺ آفتاب ڪلوئي، ٻڍو قمبراڻي، امن آباد، ڳوٺ موسو هاليپوٽو، ابڙنگ اسٽاپ، ڳوٺ صوفي آباد مڪمل طور پاڻي هيٺ آيل آهن، جتي هن وقت به 5 کان 6 فٽ پاڻي بيٺل آهي، پاڻي سڄي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.  پراڻ ڍوري ۽ ايل بي او ڊي جي پاڻي لاڙ جي شهرن توڙي ڳوٺن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، گهر، اسڪول، مسجدون، بازارون، روڊ، رستا ۽ ميدان پاڻي سان ڀريا پيا آهن، هزارين ماڻهن جا گهر ڪري پيا آهن، زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي، ماڻهن پنهنجون زندگيون بچائڻ لاءِ روڊن تي پناهه وٺي ويٺل آهن، ماڻهن جو مال متاع چارو نه ملڻ ڪري بکن ۾ مري رهيو آهي، ٽنڊوجان محمد ۽ جهڏي باءِ پاس تي هن وقت به هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجي عورتن ۽ ٻارن سميت پنهنجي مدد پاڻ تحت جوڙيل خيمن ۾ ويهي بکن ۾ تباهه ٿي لاوارثي وري زندگي گذاري رهيا آهن، هنن بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن جي حڪومتي سطح تي ڪنهن به ڪا واهر ناهي ڪئي، جيتوڻيڪ ڪجهه فلاحي ادارن هيڪڙ ٻيهڙ ماڻهن کي خيما فراهم ڪيا آهن، پر ماڻهن پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ ڪير به اڳتي نٿو اچي، چونڊيل نمائندا به ماڻهن مان مڪمل طور تي هٿ ڪڍي ويا آهن، جنهن ڪري ماڻهو بکن ۾ مرڻ جو انديشو وڌي ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.