نيو سعيد آباد ۾مدي خارج راشن ورهائڻ جو ڊي سي نوٽيس ورتو

نيوسعيدآباد( ن ع آ ) تعلقي جي مختلف علائقن ضلعي حڪومت مٽياري پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي توڙي روڊن، رستن تي ويٺل برسات  متاثرن ۾غير معياري راشن تقسيم ڪرڻ جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سختي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان رشيد پنهنجي پريس بيان ۾وڌيڪ چيو آهي ته نيوسعيدآباد  جي ڪجهه برسات متاثرن کي غير معياري ۽ مدي خارچ راشن جي فراهمي واري معاملي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هن لاڳاپيل آفيسرن تي واضع ڪيو آهي هن معاملي ۾ جنهن جي به ڪوتاهي سامهون آئي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري چيو ته متاثرن جي امداد لاءِ ضلعي انتظاميه ڀرپور اپاء وٺي پئي، سندن ضرورتن خاص طور تي صحت جو خيال رکڻ اولين ترجيح آهي  ان لاءِ کين کاڌ خوراڪ  جون معياري شيون فراهم ڪرڻ هر صورت تي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.