قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪريو، موري ۾ نوجوان جي امڙ جو احتجاج

مورو ( ت ر ) مورو شھر جي مين روڊ تي ڪجھه ڏينھن اڳ گوليون لڳڻ سبب زخمي ۽ بعد ۾ اسپتال ۾ فوت ٿيندڙ نوجوان آصف علي جويو جي معصوم پٽن سندس امڙ ۽ وارثن طرفان نٽھڻ اس ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي سندس امڙ مسمات زرينه، ماسي مسمات نصرت جويو، محمد شريف جويو، جسقم جي شاھنواز سنڌي، معصوم پٽ محمد علي جويو، امجد علي جويو ۽ نياڻي دعا جويو، منور علي جويو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا.،وڏي تعداد ۾ ماڻھو موجود،روڊن رستن تي پنھنجون عدالتون لڳائي خون وھائڻ خلاف سخت نعري بازي ڪئي، احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان جي نوجوان تي ڪوڙو الزام ڏئي قتل ڪيو ويو، اسان سنڌ جي چيف جسٽس سنڌ،سيشن جج نوشھروفيروز ۽ اعليٰ ادارن کان مطالبو ۽ گھر ڪيون ٿا ته ملوث ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ سگھارو ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.