خيرپور ۾ برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو

خيرپور( ڊ ر) خيرپور جي يوسي هادل شاھ جي سوين برسات متاثرن جو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي ساڻ ڪري ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو , سخت نعريبازي مظاهري جي اڳواڻي شعيب سولنگي، شفيع محمد سولنگي، مسمات خديت خاتون، مسمات نصيب خاتون ۽ ٻين ڪئي برسات سبب گذريل هڪ مهيني کان اسان جي ڳوٺ ۾ 8 کان 10 فوٽ پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب اسان روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آهيون مهينو گذرڻ باوجود اسان جي ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿو ڪرايو وڃي کاڌ خوراڪ، پيئڻ جي پاڻيءَ سميت اسان کي ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي جنهن سبب بکون ڪاٽي رهيا آهيون اسان جا معصوم ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن ۽ ڪائونسلرن به اسان جي ڪا سار ناهي لڌي مظاهرين مطالبو ڪيو ته اسان کي کاڌ خوراڪ پيئڻ جي پاڻيءَ سميت گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ اسان جي ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.