سنڌ ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿي:امتياز شيخ

شڪارپور(ڊ ر) صوبائي وزير امتياز شيخ شڪارپور اناج منڊي ۾ يوسي لوڊرا، سلطان ڪوٽ، ھمايون، جنون شريف ۽  شھر جي مختلف وارڊن جي 300 ٻوڏ متاثرن ۾ ٽينٽ ۽ راشن ورهايا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته شڪارپور سميت سڄي سنڌ ٻوڏ سبب متاثر ٿي آھي ۽ حلال احمر وانگر ٻيا فلاحي ادارا به اڳتي اچي متاثرن جي واھر ڪن. ھن چيو ته متاثرن کي رهڻ لاءِ ڇت ۽ کائڻ لاءِ ان جو داڻو ناھي، سندن واهر اسان جو فرض آهي.حلال احمر جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ريحان علي ٻڌايو ته شڪارپور ضلعي جي مختلف يوسيز مان پنج سئو متاثرن کي راشن ۽ ٽينٽ جا ٽوڪن ڏنا ھئا، جن مان 300 ماڻهن  کي امدادي سامان ڏئي چڪا آھيون، اسان جو امدادي ڪم سنڌ جي سڀني ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ ھلي رھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.