پير پٺي جي ماڳ تي اڏيل مسجد جا ٻه گنمبذ شهيد ٿي ويا

گھوڙاٻاري (ن ع آ) گھوڙاٻاري ٺٽي جي مشھور ٻن  درگاھن پير پٺي  ۽ درگاھ سخي ڏاتار جميل شاھ گرناري ڀرسان محمد بن قاسم جي دؤر جي تعمير ڪيل ٻن مھرابن پنج  گنبذ واري مسجد شريف جا  برساتن سبب ٻه گنبذ  ڌماڪي سان ڊھي پٽ ٿي ويا آھن،  تاريخي ماڳ  مڪلي جي آخري ٽڪري  درگاھ پير پٺي درگاھ سخي ڏاتار  جي ڏکڻ طرف آڳاٺي زماني محمد بن قاسم جي سنڌ ۾ اسلام  آڻڻ دؤران ٺٽي جي سامونڊي حدن ديبل بندر طور سڃاڻپ رکندڙ پير پٺي جي ماڳ تي ٻن مھرابن  واري خوبصورت مسجد ۽ ڀرسان سان 80 فوٽن جو ٽاور تعمير ڪيو ويو  جيڪي مسلسل بي ڌياني سبب  زبون  حال بڻجي ويا ھئا انھن جي سياحت ثقافت کاتي سنڌ پاران 2017ع ۾ لکين  روپين جي لاڳت سان مرمت ڪرائي وئي ھئي مرمت واري ڪم ۾ ناقص  مٽيريل استعمال ڪيو  ويو جنھنڪري ٿورڙي ئي عرصي اندر  موجودھ برساتن سبب مسجد شريف جي پنج  گنبذن مان ٻ 2 گنبذ  برساتن ڪري زوردار ڌماڪي سان شھيد ٿي ويا آھن جنھنڪري ھن تاريخي مسجد ماڳ مڪانن جي سونھن صورت ۽ رونق اجڙي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.