ٿر ۾ غذائي کوٽ، ڊينگي ۽ مليريا ۾ 20 ٻارڙن سميت 30 ڄڻا فوت، دوائن جي کوٽ

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ٿر ۾ بيمارين مُنهن ڪڍيو، مليريا، ڊينگي، غذائي کوٽ ۽ ٻين مختلف بيمارين وگهي 20 ٻارڙن سميت 30 ڄڻا هفتي دوران حياتيون وڃائي چڪا، دوائون کُٽي ويون،علاج جون سهولتون اڻلڀ ٿي ويون، ٿر ۾ تازين برساتن بعد پکڙيل بيماريون وبائي شڪل اختيار ڪري چُڪيون آهن، مڇرن ۽ زهريلن جيتن رڻ ٻاري ڏنو آهي، مليريا ۽ ڊينگي بخار مُنهن ڪڍيو آهي، رُڳو هلندڙ هفتي دوران مليريا ۽ ڊينگي بخار سميت غذائي کوٽ وگهي معصوم ٻارڙن،عورتن سميت 30 ڄڻا فوت ٿي چُڪا آهن، سول اسپتال مٺي ۾ هفتي دوران 20 جي لڳ ڀڳ معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي فوت ٿيا آهن، مليل رپورٽن موجب ته هفتي دوران سول اسپتال مٺي ۾ نئين ڪوٽ جي رهواسي چتون ڀيل جو 9 سالن جو پُٽ ڪيلاش،ڳوٺ فانگاريو جي چترو ڀيل جي ڌي،ڳوٺ منگهٽ جي رهواسي ارشد درس جو تازو ڄاول پُٽ، رياض خاصخيلي جو چئن مهينن جو پُٽ، ڳوٺ ڪمڙهار جي رهواسي احسان علي جو 6 مهينن جو پُٽ مختلف بيمارين ۽ غذائي کوٽ وگهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڳوٺ ڀڳيسر جي رهواسي ٽيڪم ميگهواڙ جو تازو ڄاول ۽ ڳوٺ ويجهيار جي رهواسي جمعون ڀيل جو چار ڏينهن جو ٻاڙو، جاويد، ڀيرو ۽ ورجانگ جا تازا ڄاول ٻارڙا فوتين ۾ شامل آهن، هوڏانهن ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ويهراڙي 22 ورهين جي عورت نجمه زال اقبال، ڳوٺ ڍاڪڻيو ۾ 12 ورهين جو جمن پُٽ يوسف راهمون ۽ عورت سرطي سميت پنج ڄڻا مليريا وگهي فوت ٿيا، مٺي جي سراڻ ڪالوني ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثر جهڏو واسي پيرسن 55 ورهين جو علي بخش پتافي مليريا وگهي زندگي جي جنگ هارائي ويو، اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گوارڻ ۾ ڊينگي ۽ مليريا بخار وگهي 2 ڀينرون 19 ورهين جي شادي شده ناري سمترا زال نندلال ميگهواڙ ۽ 18 ورهين جي سيتا زال سادو ميگهواڙ فوت ٿيون، مٺي ويجهو ڳوٺ بلاول اوٺو جي رهواسي 21 ورهين جي حافظ محبوب اوٺو ڊينگي بخار وگهي دم ڏنو ۽ اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ٽاهو ڀيل جي رهواسي 9 ورهين جي نياڻي جيسي ڌي پانچو ڀيل فوت ٿي وئي، ٻارڙي جا وارث جهڏي ۾ رهندا هئا، جنهن کي ڊجي تصديق ڪئي وئي هئي، اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ بعد حالتون ڀيانڪ بڻجي ويون آهن، شهرن جي اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون اڻلڀ ٿي ويون آهن، دوائن سميت ٽيسٽن جون سهولتون موجود ناهن، مسڪين ۽ غريب مريض علاج لاءِ دربدر ٿيندي نظر اچن ٿا، مليريا جو مرض تيزي سان پکڙجڻ ڪري هر گهر ۾ چار کان پنج ڀاتي مليريا ۾ ورتل آهن، رهيل مريضن جون به ٽيسٽون نه ٿيڻ ڪري اُهي به ساڳئي مرض ۾ ورتل آهن، مڇرن رڻ ٻاري ڏنو آهي، ڪيترن ئي سالن کان ڳوٺ ۾ مڇرمار اسپري ناهي ٿيو، جنهن سبب مسڪين ماڻهو مڇرن سان جنگ جوٽيندي راتيون گذارڻ تي مجبور آهن، ٻي پاسي سنڌ حڪومت پاران ٿر جي عورتن لاءِ اربين رپين جي لاڳت سان شروع ڪيل نيوٽريشن پروگرام به ناڪام ٿي ويا آهن، جنهن سبب ڳورهاري عورتن ۾ رت جي کوٽ هجڻ ڪري ڪمزور ٻارن کي جنم ڏين ٿيون، جنهن بعد غذائي کوٽ کوٽ جو شڪار ٿي ڄمندڙ ٻارڙا فوت ٿيو وڃن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.