سيوهڻ ۾ منڇر جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سوين متاثرن جو ڌرڻو

سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ)منڇر ڍنڍ جي پاڻي کي درياهه ۾ تڪڙو نيڪال ڪرڻ ۽ انڊس ھاءِ وي روڊ کي ڪٽ ڏيڻ لاءِ سوين ٻوڏ متاثرن اڙل واھ پل وٽ پھچي انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي جنھن سبب گاڏين جي آمد رفت متاثر ٿي ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ متاثر ڳوٺاڻن دائم ٽالپر روشن بڙدي قربان ٽالپر ۽ ايڊووڪيٽ نجم جتوئي ميڊيا آڏو ڳالھائيندي چيو ته سيوهڻ تعلقي جي يونين ڪائونسل،  بوبڪ،  جعفر آباد، آراضي ۽ چنا جي منڇر جي پاڻي لپيٽ ۾ آيل آھن ۽ جنھن ڪري سيوھڻ تعلقي جي ڳوٺن ۾ 8 کان 11 فٽ پاڻي بيٺل آهي،  ھنن مطالبو ڪيو ته منڇر جو پاڻي جلد نيڪال ڪرڻ لاءِ انڊس ھاءِ وي روڊ کي ڪٽ ڏنو وڃي جيڪڏھن انتظاميا پاران انڊس ھاءِ وي کي ڪٽ نه ڏنو ويو ته احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو. جنهن بعد ڌرڻي واري ھنڌ تي آبپاشي انجنيئر مھيش ڪمار پاران ڌرڻي ۾ پھچي ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.