پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ پهچي ويو

نيويارڪ(م ڊ) پاڪستان جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ  نيويارڪ پهچي ويو. پرڏيهي وزير ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ آچر جي صبح واشنگٽن پهتو هو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي – 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن واري سالياني اجلاس ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري سالياني ڪوآرڊينيشن اجلاس جي صدارت سان گڏوگڏ ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ شرڪت سميت ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون، ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.