ماڻهن جي زندگي ڪرپشن جي سيلاب برباد ڪئي: لياقت بلوچ

ڪراچي/ حيدرآباد ( رپورٽر)  نائب امير جماعت اسلامي پاڪستان ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي سيلاب پاڻي واري سيلاب کان وڌيڪ بربادي، غريبن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، ملڪ سياسي، معاشي ۽ انتظامي توڙي پارلياماني ۽ آئيني طور تي شديد بحران جي وَر چڙهيل آهي، آرمي چيف جي مقرري ذاتي پسند ۽ ناپسند بدران ميرٽ ۽ سينارٽي لسٽ مطابق هئڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هال ۾ الخدمت پاران 350 سيلاب متاثرين ۾ راشن بيگ تقسيم ڪرڻ واري ميڙاڪي کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ضلعي امير عقيل احمد خان،  نائب صدر الخدمت سنڌ عمر فاروق، ڊاڪٽر سيف الرحمن پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته صوبائي اڳواڻ عبدالوحيد قريشي، حافظ طاهر مجيد، سردار زبيرخادم سولنگي، سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا. لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته هن وقت سڄي قوم برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ هڪ آهي، پر سرڪاري نظام مفلوج ۽ بي نقاب ٿي چڪو آهي، هن چيو ته ماضي شاهد آهي ته هتان جي حڪمرانن ماڻهن کي پنهنجو حق ڪونه ڏنو، اڄ عالمي برادري مدد ڪري رهي آهي، ٻاهران ايندڙ فنڊز ۽ هتي گڏ ٿيندڙ  سڀ ڪجهه عوام جي سامهون رکيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.