ڪراچي ۾ 17 ماڙ عمارت تان ڪِري فوت ٿيل نوجوان جي جاچ رپورٽ رد

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ڪلفٽن جي علائقي ۾ گهڻ ماڙ عمارت تان ڪري فوت ٿيل نوجوان جي ڪيس ۾ جاچ آفيسر جي پيش يل چالان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو چاج آفيسر درست جاچ نه ڪئي آهي، ڪيس جي وڌيڪ جاچ ٿيڻ گهرجي، عدالت ايس ايس پي انوسٽيگشن سائوٿ کي ڊي ايس پي رينڪ کان جاچ ڪري 10 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ حڪم ڏنو آهي، واقعي جي شاهد، طاهر حسين چيو ته مون نوجوان کي 17 ماڙ تان ڪرندي ڏٺو هو، پر جاچ آفيسر ان کي جاچ ۾ شامل نه ڪيو نه وري سي سي ٽي وي فٽيجز ورتا، واضح رهي ته 31 جولاءِ 2022ع تي ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ نوجوان عادل مسعود فوت ٿي ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.