پرويز الاهي کان پنهنجن به مُنهن موڙي ڇڏيو، عمران خان کي دانهون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پنجاب جي پارلياماني پارٽي وڏي وزير پرويز الاهي جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پنجاب جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ 176 مان 150 ميمبرن پنجاب اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته 26 غير حاضر رهيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن پرويز الاهي جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريو ۽ الزام هنيو ته پنجاب حڪومت وڏي وزير جو پٽ مونس الاهي هلائي رهيو آهي.

ذريعن موجب عمران خان جي روبرو پي ٽي آءِ ميمبرن دانهن ڪئي ته پرويز الاهي جي وڏ وزارت ۾ رڳو ق ليگي ايم پي ايز جا ڪم ٿي رهيا آهن، جڏهن ته اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

پي ٽي آءِ پنجاب جي قيادت پارٽي چيئرمين سامهون چيو ته پرويز الاهي مرضي جي پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر ڪري رهيو آهي، اسان کي آن بورڊ نه پيو ورتو وڃي.

ذريعن موجب عمران خان چيو ته مان ميان اسلم کي سينيئر صوبائي وزير بڻائي ڇڏيو آهي، توهان پنهنجا سڀ خدشا ان کي ٻڌايو، مسئلا حل ڪندو.

پي ٽي آءِ ميمبرن چيو ته پنجاب جو حال عثمان بوزدار جي حڪومتي دور کان به بدتر ٿيندو پيو وڃي، اهو ئي حال رهيو ته عام چونڊن ۾ ڏکيائيون ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.