جرمن سرڪار شهر کي اونداهه ۾ ٻوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو

جرمني رات جي وقت اڏاوتن، تاريخي ماڳن، يادگارين، ٽائون هالز، عجائب گهر ۽ لائبريرين جي بجلي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

رڳو جرمن گاديءَ جي هنڌ برلن ۾ وڪٽري ڪالم يا سوڀ جي سڃاڻپ ۽ برلن ڪيٿيڊرل سميت شهر جي سڃاڻپ وارين اٽڪل ٻه سو اڏاوتن کي سج لٿي اونداهي ۾ ٻوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي

وچين جرمني جي شهر وائيمار ته پنهنجي ضلعي علائقي مان توانائي جي بچت وارو پروگرام شروع ڪري ڏنو آهي ۽ سانوڻ جي شروعاتي مهينن ۾ ئي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي

ان فيصلي تحت رستن جي مسافرن لاءِ لڳايل اسٽريٽ لائٽس کي شام جو اڌ ڪلاڪ دير سان ٻاريندا آهن جڏهن ته صبح جو اڌ ڪلاڪ اڳ ئي وسائي ڇڏيندا آهن.

ان فيصلي جو مقصد نه صرف توانائي بچائڻ يعني مالي وسيلي جي بچت پر اونداهي محفوظ ماحول ۽ حياتياتي نشونما لاءِ به هر پاسي کان ڪارائتو آهي.

ماهرن موجب لائٽس بند ڪرڻ سان هوائي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. آمريڪا جي تنظيم انٽرنيشنل ڊارڪ اسڪاءِ ايسوسيئشن موجب دنيا ۾ رات جو ٽين حصي ٻريل بجلي جو ڪو فائدو ئي نه هوندو آهي.غير ضروري لائٽ وسائڻ سان ٽي بلين يورو جي بچت ٿي سگهي ٿي جڏهن ته تازو سڄي دنيا ۾ بجلي جو بحران سامهون آيو آهي

ماهرن چيو ته 80 سيڪڙو انسان اهڙي علائقي ۾ رهندا آهن جتان آسمان غير ضروري روشنين سبب آلوده هوندو آهي.رات جو اونداهي نه صرف ماحول لاءِ پر انساني صحت لاءِ ڪارائتي هوندي آهي. ماهرن موجب جانورن ۽ ٻوٽن کي به اونداهي پسند آهي. ڪورلز وغيره رات جو مصنوئي لائٽ سبب نشو نما حاصل ناهي ڪري سگهندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.