ڪروم کي ڳجهي نموني هلائيندڙن لاءِ سهولت

گوگل ڪروم جي انڪوگنيٽو ٽيبز  ڳجهي نموني استعمال ٿيندڙ فيچر آهي ڇاڪاڻ ته واهپيدار نه چاهيندا آهن ته سندن سرگرمي ڪير ڏسي يا رڪارڊ ۾ رهي، انهن واهپيدارن لاءِ هڪ ٻي سهولت به سامهون اچي وئي.

گوگل پاران اينڊرائڊ ۾ نئون فيچر متعارف ڪيو ويو آهي جيڪو انڪوگنيٽو ٽيبز کي ان وقت تائين لڪائي رکندو جيستائين واهپيدار جي فنگر پرنٽ ڊيٽا سان نه کولجي

اهو فيچر پرائيويسي اسڪرين آپشن سان ملندڙ جلندڙ آهي جيڪو آءِ فون جي ورزنز ۾ موجود هوندو آهي پر اينڊرائڊ تي ڪروم جو انڪوگنيٽو ٽيب لاڪ آءِ فونز کان ٿورو مختلف ڪم ڪندو آهي. آءِ فونز چهري جي سڃاڻپ ڪري لاڪ کولي سگهندو آهي جڏهن ته ان ڪروم جي هن نئين فيچر ۾ فنگر پرنٽ جو ئي استعمال ڪيو ويندو.

ڪمپني موجب نئين اپڊيٽ کان پوءِ سمورن واهپيدارن لاءِ هي فيچر استعمال لاءِ هوندو. ان فيچر لاءِ واهپيدارن کي سيٽنگز ۾ وڃي پرائيويسي تي ڪلڪ ڪبو جتي سيڪيورٽي جو آپشن ايندو . ڪروم بند ڪرڻ بعد انڪوگنيٽو ٽيبز کي لاڪ ڪرڻ جو آپشن آن ڪبو. آخر ۾ فيچر کي فعال ڪرڻ لاءِ جيئن فنگر پرنٽ يا لاڪ اسڪرين پن جي تصديق ڪجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.