چاهيندڙ سان شادي ڪرڻ لاءِ عورت مڙس ۽ ٽن ٻارن کي زهر ڏئي ڇڏيو

ڪائرا(ويب ڊيسڪ) مصر ۾ پنهنجي دوست سان شادي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ٽن ٻارڙن کي زهر ڏئي ماريندڙ ڇويهه سالن جي ماءُ ۽ سندس چاهيندڙ کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

ڪجهه مهينا اڳ ڪائرا جي مقامي اسپتال پوليس کي اطلاع ڏنو هو ته زهر ڏنل چئن ماڻهن کي اسپتال آندو ويو، جن مان هڪ شهري ڪوما ۾ جڏهن ته شروعاتي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ ٽي ٻارڙا زندگيون وڃائي ويٺا آهن.

اختيارين جاچ ڪئي ته خبر پئي ته مصري عورت پنهنجي چاهيندڙ دوست سان شادي ڪرڻ جي لاءِ مڙس ۽ ٽنهي ٻارن مان جند ڇڏائڻ جي لاءِ سڀني کي جوس ۾ زهر ملائي ڏئي ڇڏيو.

جنهن کانپوءِ عورت ۽ سندس دوست کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته ٻنهي ڄڻن ناجائز لاڳاپن ۽ ڏوهه جو اقرار به ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.