گوگل سڀ کان گوءِ کڻي ويو، نوان فيچر متعارف

گوگل طرفان پيغام رسائيندڙ ايپ  کي ايپل ميسجز ۽ واٽس ايپ جي مقابلي تي تيار ڪيو پيو وڃي.

هاڻي گوگل ميسجز ۾ جلد ڪجهه نوان فيچر متعارف ڪرايا ويندا جيڪي ان ايپ کي واٽس ايپ ذريعي مقابلو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا.

9 ٽو 5 گوگل جي رپورٽ پٽاندڙ گوگل ميسجز ۾ مستقبل ۾ ڪجهه نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويندا.

انهن منجهان هڪ فيچر مخصوص پيغام تي ريپلاءِ  جي سهولت فراهم ڪندو، جيڪو واٽس ايپ ۾ واهپيدار عام استعمال ڪندا آهن.

واهپيدار تمام جلد ڪنهن پيغام تي ايموجي ذريعي پڻ پنهنجو ردعمل ظاهر ڪري سگهندا.

اهڙي نموني گوگل ميسجز ۾ وائس نوٽيس ٽو ٽيڪسٽ ٽرانسڪرائب جو فيچر پڻ متعارف ڪرايو پيو وڃي.

هيءُ فيچر تڏهن ڪم ڪندو جڏهن ته توهان هڪ آڊيو ڪلپ کي ڪنهن به ڪارڻ سبب ٻڌي نه سگهندا ته اهو ميسج ٽيڪسٽ  ۾ تبديل ٿي ويندو جيڪو توهان پڙهي سگهندا جڏهن ته اهو فيچر ٻين ايپليڪيشن ۾ موجود ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.