پ پ وارن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ هٿ سان شهر ٻوڙيا: لال جروار

کوکراپار (ن ع آ) ملير جي لائق ڏنو ڳوٺ ۾ عوامي تحرڪ جي مرڪزي آرگنائيز لال جروار ، اسماعيل خاصخيلي جي نگراني ۾ ڪانفرنس ٿي گذري جنهن ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ضلعي ملير لائي عهديدار چونڊيا ويا جنهن ۾ صدر اقبال جروار ، نائب صدر عباس ملاڻو ، جنرل سيڪريٽري رستم ميراڻي ، جوائنٽ سيڪريٽري غلام الله ٻگهيو ، ماليات سيڪريٽري عزيز لانگاه ، پريس ترجمان منظور سولنگي ، آفيس سيڪريٽري رئوف نوناري ، ثقافتي سيڪريٽري ماجد جروار ۽ ليگل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ خالد تنيو شامل آهن ڪانفرنس ۾ مرڪزي اڳواڻ لال جروار ۽ اسماعيل خاصخيلي چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سم نالي واهن شاخن کي پنهنجون زمينون بچائڻ لاء هٿرادو گهارا هڻائي سنڌ جا شھر ۽ ڳوٺ ٻوڙائي لکين ماڻھن کي دربدر ڪري ڇڏيو ، سوين ماڻھو جانور ٻوڏ ۾ مري ويا اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گذريل چوڏهن سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي انهن چوڏهن سالن دوران 2010 .2011 ٻوڏ دوران هر سال ٻوڏون اينديون رهيون ۽ ٻوڏ جي نالي ۾ هرسال ارتڍڍيبين روپيا فنڊ وٺندا هڙپ ڪندا رهيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.