انقلاب دَر تي بيٺو آهي، چونڊن ذريعي رستو فراهم ڪيو وڃي: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عوام اسان سان گڏ آهي، اسان کي جلد چونڊن ڏانهن وڌڻو آهي.

اسلام آباد ۾ عمران خان سان پنجاب ڪابينا جي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب جي انتظامي ۽ سياسي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

عمران خان چيو ته پرويز الاهي عملي سياستدان آهي، اسان کي ڀرپور ساٿ ڏيڻو آهي، عوام کي پنجاب ۾ تحريڪ انصاف مان حقيقي آزادي جي ايجنڊا پوري ڪرڻ جي اميد آهي، پنجاب ڪابينا ۽ پارلياماني پارٽي حقيقي آزادي جي موقف تي عوام سان گڏ بيٺي رهي.

هن چيو ته تڪڙي چونڊون تحريڪ انصاف جي نه ملڪ جي ضرورت آهي، پرامن چونڊن ذريعي رستو فراهم ڪيو وڃي، انقلاب اسان جي دَر تي اچي بيٺو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.