ايپل جي آءِ فون 14 ۾ ڪهڙيون تبديليون ڪيون ويون؟

 

ايپل تازو آءِ فون 14 سيريز کي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، اهي نوان آءِ فونز 16 سيپٽمبر کان دنيا جي ڪجهه حصن ۾ واهپيدارن لاءِ دستياب آهن پر آءِ فون 14 سيريز جي پرو ماڊلز (آءِ فون 14 پرو ۽ 14 پرو ميڪس) ۾ سڀ کان وڏي اپ ڊيٽ ڊسپلي ۾ ڪئي وئي آهي.

آءِ فون 14 پرو ۽ 14 پرو ميڪس کي جڏهن استعمال نه ڪيو وڃي ته به ان جي اسڪرين ڊسپلي ڪندي رهندي آهي، اسڪرين آرام بدران مختلف ويجيٽس جيئن الارم ۽ ٻيا ڊسپلي ڪندي رهندي آهي، اهو پهريون ڀيرو آهي جو ايپل آل ويز آن ڊسپلي کي ڪنهن آءِ فون جو حصو بڻايو آهي.

اهو فيچر اينڊرائيڊ فونز ۾ ته گهڻي عرصي کان موجود آهي پر ايپل واهپيدار پهريون ڀيرو ان کي استعمال ڪري سگهندا.

ماهرن موجب اسان جي نظر ۾ ته اهو زبردست فيصلو آهي، هاڻ واهپيدار لاڪ اسڪرين ۾ ئي نوٽيفڪيشنز، ريمائنڊرز ۽ ٻيون شيون ڏسي سگهندا ۽ کين فون ان لاڪ ڪرڻ جي ضرورت به نه پوندي.

نئين لاڪ اسڪرين تصويرن کي ڏسڻ جو ذريعو به بڻجندي، جڏهن ته واهپيدار فونٽ اسٽائلرز ۽ رنگن جي چونڊ به ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.