جيمي فالن شهباز شريف جي وڊيو تي ٽوڪون ڪندي ڦاسي پيو، اها ڪهڙي ڳالهه ٿي؟

ناليواري آمريڪي مزاح ۽ ميزبان جيمي فالن کي وزيراعظم شهباز شريف تي ٽوڪون ڪرڻ ڳچي ۾ پئجي ويون.

سوشل ميڊيا جي مختلف پيجن تي جيمي فالن جي مشهور شو ”دي ٽونائٽ شو“ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.

ان وڊيو ڪلپ ۾ جيمي فالن وزيراعطم شهباز شريف تي ان ڳالهه تي ٽوڪون ڪري رهيو آهي ته کيس ٽرانسليشن ايئرفون به پاڻ پائڻ نٿي اچي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Sunday Times (@sundaytimes)

ٿيو ائين هو ته شهباز شريف ۽ روسي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات دوران شهباز شريف کي ٽرانسليشن ايئر فون ڏني وئي جيڪا شهباز شريف کي ڪن ۾ پائڻ نه پئي آهي ۽ هن موجود پروڊڪشن ٽيم جي هڪ شخص کان مدد گهري جنهن اچي سندس ڪن ۾ اها ايئر فون لڳائي. انکانپوءِ به اها ايئر فون ڪري پئي ۽ شهباز شريف کي ڏکيائي سان منهن ڏيڻو پيو.

آمريڪي ڪاميڊين جيمي فالن ان واقعي جي وڊيو ڪلپ پنهنجي شو دروان ڏيکاريندي چيو ته مون وٽ هڪ ملڪ کان ٻاهر جي خبر آهي جنهن ۾ پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف ولادي مير پيوٽن سان ملاقات ڪئي آهي ۽ ان دوران هن پنهنجي ڪن تي ٽرانسليشن ايئر فون ڪجهه ڏکيائين جو سبب بڻجي وئي.

هن ٽوڪ واري انداز ۾ چيو هي ٻه سئو ٻاويهه ڪروڙ جي آبادي واري ملڪ جو وزيراعظم آهي جنهن کي پاڻ ايئر فون به پهرڻ نٿي اچي.

اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن شهباز شريف تي ٽوڪون ڪرڻ تي جيمي فالن تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

واهپيدارن جو خيال آهي ته اها ڪهڙي ڳالهه ٿي؟ اهو هڪ عام واقعو آهي جيڪو ڪنهن به انسان سان پيش اچي سگهي ٿو، اهڙي ڳالهه تي ڪنهن ماڻهو تي ٽوڪون ڪرڻ فضول ۽ بي تُڪي ڳالهه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.