پاڪستان خلاف سيريز، انگلش ٽيم سينيئر بالرن کان محروم هوندي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعاتي ميچن ۾ انگلينڊ جي ٽيم سينيئر بالرن کانسواءِ ميدان ۾ لهندي.

برطانوي ميڊيا موجب انگلش ٽيم جو بالر ريس ٽاپلي گوڏي جي تڪليف ۾ آهي ۽ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سندس شرڪت شڪي آهي.

برطانوي ميڊيا ٻڌايو آهي ته شروعاتي ميچن ۾ ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ به انگلش ٽيم جو حصو نه هوندا.

ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻئي فاسٽ بالر انجري مان ريڪور ٿي رهيا آهن، ٽيم مئنيجمينٽ ٻنهي کي ورلڊ ڪپ سبب احتياط سان استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 20 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي، جيڪا 2 آڪٽوبر تائين جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.