ڪنڊيارو ڀرسان 3 ڄڻا دٻجي فوت، ايمبولنس نه ملڻ سبب نينگر به دم ڏئي ڇڏيو

ڪنڊيارو (رپورٽ: محمد سومر گهانگهرو) ڪنڊيارو ڀرسان هان ڏاريندڙ واقعو، گهر جي ڇت ڊاهيندي چار گهر ڌڻي فوت ۽ هڪ زخمي، ڪالهه ڳوٺ حاجي صديق لاکو ۾ پورهيت  اويس لاکو جي جگهه ڊاهيندي ٽي گهر ڀاتي ۽ هڪ مزدور جڳهه جو اڳيون حصو اوچتو ڪرڻ سبب دٻجي ويا، جنهن سبب 3 ڀاتي سليم، قاسم ۽ عبدالرحمان لاکو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته نينگر آصف لاکو ۽ اميد علي کي ڪنڊيارو سول اسپتال آندو ويو جتي نينگر آصف لاکو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏي ڇڏيو، جڏهن ته زخمي اميد علي کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، اسپتال آيل فوتين جي وارثن جو چوڻ هو ته برسات سبب ڪمزور ٿيل گهر جي جڳهه کي ڊاهڻ مهل واقعو پيش آيو، وارثن مطابق ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي تي پاڻي هجڻ جو جواز ڄاڻائي اسپتال انتظاميه ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد زخمين کي ڊاٽسن ۾آڻڻ دوران نينگر آصف کي اسپتال منتقلي ۾ دير ٿي ۽ هو فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.