پرامن انقلاب کي روڪيو ويو ته سڄي گيم چينج ٿي ويندي: عمران خان

چارسدا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته قبائلي علائقن امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي جڏهن ته مالاڪنڊ ۾ حالتون خراب ٿي ويون پر وفاقي حڪومت ڪو ڪردار ادا نه پئي ڪري، بگڙجندڙ حالتن تي ظابطو آڻڻ  وفاق جي ذميوارن ماڻهن جي ذميواري آهي.

چارسدا ۾ عوامي جلسي کي خطاب دوران هن جلد کان جلد عام چونڊون ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو ته مون مٿان ڪيسن بدران مالاڪنڊ جي امن امان تي ڌيان ڏيو، اهو وقت پري ناهي جڏهن پنهنجي قوم کي جي سڏ ڏيندس.

هن چيو ته اسان کي ڪنهن سپر پاور جي غلامي ۽ نه ئي ڪنهن جي ڊپ سبب ويڙهه ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي، دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ سڀ کان وڌيڪ قرباني ڪي پي ڪي وارن ڏني آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين وزيراعظم شهباز شريف تي ڇتي تنقيد ڪندي چيوته ان چيوته مان گهرڻ ناهيان آيو پر مجبور آهيان، ڇا ڪنهن ملڪ جو ليڊر اهڙو هوندو آهي، انهن ماڻهن قوم کي سڄي دنيا آڏو شرمسار ڪيو.

سندس چوڻ هو ته سازش ذريعي جيڪا حڪومت آئي ان جا ٻه مقصد هئا، آمريڪا چاهي پيو ته اهڙا حڪمران اچن جيڪي پينو فقيرن وانگر ڦرندا وتن، اسان پنهنجي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ڪنهن ٻئي ملڪ لاءِ قربان نه ڪنداسين.

هن چيوته جڏهن ن ليگ وارن حڪومت ڇڏي تڏهن خسارو وڌيڪ آمدني گهٽ هئي، جنهن انسان کي ڊپ هوندو آهي اهو ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿي سگهندو، وقت ايندو جڏهن هر پاڪستاني دنيا ۾ فخر سان گهمندو.

عمران خان چيو ته جيڪا به قيادت اچي ان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ هجي، هڪ سڏ ڏيندس توهان کي حقيقي آزادي لاءِ نڪرڻو آهي، حقيقي آزادي حاصل ڪري اسان هڪ عظيم قوم بڻباسين، پرامن انقلاب کي روڪيو ويو ته سڄي گيم چينج ٿي ويندي.

هن چيو ته جڏهن ته اسان حڪومت ڇڏي هئي تڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل 103 ڊالر جو هو، اڄ 93 آهي ڏهه ڊالر گهٽ ريٽ آهي، عالمي منڊي ۾ اگهه گهٽجي رهيا آهن هتي وڌي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.