اسڪولن ۾ جانورن جي ڀلائي ۽ انساني ورتاءُ بابت ” خاص ڪورس “ پڙهايو ويندو

وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ ( ايس آر يو ) پروگرام جي سربراهه سلمان صوفي چيو آهي ته حڪومت جانورن جي ڀلائي جي حوالي سان اسلام آباد جي اسڪولن لاءِ ” خاص ڪورس “ تيار ڪري رهي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سلمان ٻڌايو ته جانورن جي ويلفيئر جي حوالي سان هڪ خاص ڪورس اسلام آباد جي اسڪولن ۾ متعارف ڪرايو ويندو، ٻارن کي سيکاريون ويندو ته جانورن سان انساني ورتاءُ ڪيئن هئڻ گهرجي ته جيئن هو بهتر شهري بڻجي سگهن.

ميڊيا رپورٽن موجب تعيلمي ادارن ۾ آڪٽوبر جي آخر تائين اهو ڪورس متعارف ڪرايو ويندو، جيڪو پهريان ئي ترتيب ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.