سجاول ۾برسات ۽ ٻوڏ متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

سجاول (رپورٽ: منظور احمد ميمڻ) برسات ۽ سيلاب متاثرين کلي آسمان ھيٺ ويٺل متاثرين کي ٽينٽ راشن جو رليف نه ملڻ تي سجاول کان ڪراچي ويـندڙ شاھراھ  تي متاثرين جو احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو احتجاج ڪندڙ متاثرين جو چوڻ ھو ته اسان بندن تي ۽ کلي آسمان ھيٺ رھڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون اسان جا گھر پاڻي ھيٺ اچي ويا جنھن سبب اسان سخت پريشان آھيو انتظاميا اسان جي ڪابه واھر نه ڪئي آھي برسات ۽ سيلاب متاثرين جو چوڻ ھو ته اسان کي نه ٽينٽ نه راشن ملڻ جي ڪري مجبورن برانچ موري تي احتجاج ڪري درڻو ھنيو آھي احتجاجي مظاھري ۾ متاثرين جو چوڻ ھو ته اسان واھر نه ٿيڻ خلاف اسان احتجاجي مظاھرو ڪيو آھي برانچ موري تي روڊ بلاڪ ڪندڙن ۾  مردن ۽ عورتن ٻارن جي وڏي تعداد ۾ روڊ تي سراپا احتجاج بڻجي ويا جڏھن ته متاثرين انتظاميا ۽ چونڊيل جي خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته اسان واھر ڪئي وڃي جڏھن ته احتجاج ڪندڙن وٽ سجاول پوليس پھچي ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي لاءِ ڳالهيون ڪيون پر مظاھرين  درڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف اڳوڻو ضلع ناظم سيد شفقت شاھ شيرازي مظاھرين وٽ پھچي احتجاج ڪندڙن متاثرين کي يقين دھاني ڪرائڻ بعد متاثرين احتجاج ختم ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.