سکر وٽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي سطح گهٽتائي، جهنگ ۾ اضافو

سکر (رپورٽر ) سنڌو درياهه ۾ گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ گھٽتائي کانپوءِ فاريسٽ سکر رينج جي ڪچي جي علائقي ۾ جھنگ  ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ڪچي ۾ وڻن جي پوکي لاءِ مختلف قسمن جا ٻج ڇٽڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو آهي. فاريسٽ سکر جي ڪنزرويٽر سليم وسطڙو، ڊي ايف او سکر هوش محمد بلوچ، چيف رينجرز آفيسر شمس کوسو جي نگراني ۾ سکر جي ڪچي واري علائقي شاهه ٻيلو، الف ڪچو، ٻنڍي ڌاريجو سميت مختلف علائقن ۾ ٻج ڇٽيا پيا وڃن ته جيئن وڻن ۾ اضافو ٿي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.