سوڀو ديرو ۾ راشن نه ملڻ خلاف برسات متاثرن جو احتجاج

سوڀوديرو  (ن ع آ)  سوڀوديرو لڳ ڳوٺ محمد عيسا ڪلهوڙولڳ ڀونڀٽپور ۾ برسات ۾ ٿيل  تباھي جا منظر اسان پ پ جا ووٽر آھيون پر لڙي ڪير به نه آيو آھي روينيو سوڀوديرو جي عملدارن پاران ڪنھن به قسم جي امداد ٽينٽ۔مڇردانين۔کاڌ خوراڪ۔سميت ڪجھ به نه ٿو ڏنو وڃي ۔ جاويد ميمڻ پيرسن عورت مسمات حاڪمزادي ميمڻ ،غلام حسين چنه ،نوشاد چنه، سڪندر چنه، لياقت چنه، گل حسن چنه، گل شير چنه ۽ ٻين جون ميڊيا اڳيان  دانھندي چيو ته برسات سبب  اسان جا گھر مڪمل ڪري پيا آھن ۽ اسان جي ڍورن کي ڪجھ نانگ بلائن جي چڪڻ سبب ۽ مڇرن سبب مري ويا آھن فصل تباھ آھن ڳوٺ جي چوطرف برساتي پاڻي آھي جيڪو بدبوء ڪري ويو آھي الھ تلھ ختم ٿي ويو آھي ڪيترائي معصوم ٻار ۽ عورتون مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل آھن جن جو غربت سبب علاج ڪرائڻ کان لاچار آھيون آيل سرڪاري راشن۔ٽينٽ۔مڇردانيون۔ٿانو۔کٽون ۽ ٻيو سامان بااثرن کي ڏنو پيو وڃي اسان ڌڪا ۽ ٿاٻا کائڻ تي مجبور آھيون روينيو جا عملدار اي سي سوڀوديرو۔مختياڪار۔ تپيدار سوڀوديرو پنھنجا نوازي ۽ سامان ڇپائڻ لاء چورن ڌاڙيلن جيان رات جو اونداھ ۾ گاڏيون ڀرين ٿا ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ کان انصاف جي گھر ڪئي.

  • سيوهڻ ڀرسان ڪٽ ڏيڻ لاءِ ويندڙ عملدارن جي گاڏي پاڻي ۾ لهي وئي

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ جي ٽول پلازا پرسان انڊس هاء وي کي ڪٽ ڏيڻ لاء ويندڙ  آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ويگو گاڏي روڊ کان ھيٺ لھڻ سبب ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي وئي جنهن بعد واقعي واري ھنڌ تي موجود مقامي ماڻھن آبپاشي عملدارن کي گاڏي مان ڪڍي بچائي ورتو. ٻڌايو پيو وڃي ته گاڏي ۾ سوار 4 آبپاشي عملدار انجنيئر عبدالريڪم ٻٻر جي اڳواڻي ۾ ھڪ ٽيم پاڻي جو زور گهٽائڻ لاء ڳوٺ بچل چنه وٽان انڊس هاء وي کي ڪٽ ڏيڻ لاء ڪرين سميت اڳتي وڃي رھيا ھا ته سندن ويگو گاڏي تيز پاڻي ۾ لڙھي وئي پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو جڏھن ته ڪجھ ڪلاڪن بعد ڪرين جي مدد سان گاڏي پڻ ٻوڏ جي پاڻي مان ٻاھر ڪڍي وئي.

  •  فيض گنج واهه کي ڪٽ هڻڻ جا ٺري ميرواهه ٿاڻي 2 ڪيس داخل

اڪري چودڳي  (ن ع آ)  فيض گنج واهه کي مختلف ٻن هنڌن تان ڪٽ هڻڻ خلاف ٺري  ميرواهه ٿاڻي تي واهه جي داروغي جي فرياد تي ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ٻنهي ڪيسن ۾ 15 کان وڌيڪ اڻسڃاتل جوابدار نامزد ڪرايا ويا آهن، داخل ٿيل ڪيسن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيض گنج واهه جي آرڊي 50 وٽان گهارو لڳڻ جي اطلاع بعد عملي سميت پهتاسين ته 7 کان 8 ماڻهون ڪوڏرن سان واهه کي هٿ سان ڪٽ هڻي رهيا هئا جنهن عملي کي ايندي ڏسي گهاري واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، جڏهن ته ٻئي ڪيس ۾ پڻ فريادي ڄاڻايو آهي ته واهه جي آرڊي 34 وٽان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ واهه جا ڪپر ٽوڙي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي اطلاع بعد عملو پهتو ته جوابدار اڳواٽ ئي فرار ٿي چڪا هئا جتي ڳوٺاڻن کان پڇا ڳاڇا دوران معلوم ٿيو ته 7 کن اڻسڃاتل ماڻهن هٿ سان ڪٽ هڻي واهه جي پڪي ڪپڙن کي ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ بعد ۾ اوزارن سميت نڪري ويا آهن، واضع رهي ته فيض گنج واهه جي آرڊي 50 وٽان لڳل گهارو وڌي سئو فوٽ کان مٿي ٿي ويو هو جيڪو ستن ڏينهن تائين ٻڌجي نه سگهيو هو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ آسپاس جي 50 ڳوٺن ۾ پاڻي تباهي مچائي ڇڏي، زمينون، فصل ٻڏي ويا ۽ سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا هئا، جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺاڻا پنهنجا اجھا ڇڏي لڏ پلاڻ ڪرڻ سان گڏ واھ ۽ روڊن جي ڪنارن تي اڃا تائين پناهه وٺي ويٺل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.