جيڪب آباد جي عدالت ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد، ٻه لک ڏنڊ

جيڪب آباد ( ڊر ) جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ذوالفقار علي شيخ جي عدالت 20 ڪلو چرس جو ڏوھ ثابت ٿيڻ  تي اوستا محمد جي رھواسي عطاءُ  محمد گجر کي عمر قيد ۽ ٻه لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ھڪ سال وڌيڪ قيد ڪاٽيندو واضح رھي ته صدر ٿاڻي جي پوليس 3/4/2021 تي پٿر موڙ وٽ چيڪنگ جي دوران ڄاڻايل جوابدار کي 20 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ورتو ھو جنھن تي سرڪار پاران اھڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.