عام علامتون يا خطرناڪ بيمارين جا اشارا؟

انسان جيستائين جيئرو آهي ته بيمارين سان منهن ڏيندو رهندو ۽ صحت جا مسئلا هر انسان کي پيش ٿيند آهن. جيڪڏهن صحت ۽ بيماريون انسان جي زندگي ۾ اهم آهن ته لازمي آهي ته ان بابت سڀني کي ڄاڻ هئڻ گهرجي. ڇا جيڪڏهن ڪو انسان ڪنهن خطرناڪ مرض ۾ مبتلا ٿي وڃي ته ڇا ڊاڪٽر ڏي وڃڻ کان بنا ئي ان جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي؟ ها! ائين ٿي سگهي ٿو.

حقيقت ۾ ڪهڙي به بيماري يا جسم ۾ صحت جي حوالي سان ڪا به تبديلي ٿيندي آهي ته ماڻهو کي خبر پئجي ويندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا تڪليف نه به ٿئي ته جسم پنهنجو پاڻ ۾ اهڙيون تبديليون آڻيندو آهي جنهن سان مختلف خطرناڪ بيمارين جي خبر پوندي آهي پوءِ اهي ڪو ماڻهو نظر انداز ڪري يا انهن تي سوچي ۽ احتياط وارو رستو وٺي.

جسم ۾ ڪجهه چِٽا پِٽا نشان يا تبديليون اينديون آهن جيڪي ڪنهن به بيماري جون شروعاتي علامتون ٿي سگهن ٿيون.

بس رڳو توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪهڙي علامت ڪهڙي بيماري جي نشاندهي ڪري رهي آهي.

هتي اسان اهڙي ئي ڪجهه علامتن جي باري ۾ ذڪر ڪنداسين جيڪي مختلف خطرناڪ بيمارين جي نشاندهي ڪنديون آهن.

وزن ۾ تيزي سان لاٿ

جيڪڏهن ڊائيٽنگ يا وزرش ڪرڻ کان بنا ئي جسم جي وزن ۾ چار کان پنج ڪلو تائين اوچتي گهٽتائي ٿي وڃي ته اها ڳڻتي جو سبب آهي. هاڻي توهان کي پنهنجي صحت جو جائزو وٺرائڻ گهرجي. امريڪي ڪينسر سوسائٽي موجب ائين هميشه لبلبي، معدي، ڳلي جي نالي يا ڦڦڙن جي ڪينسر ۽ شگر جو شڪار مريضن سان ٿيندو آهي.

پيشاب جو ڦِڪو ٿي وڃڻ

توهان پنهنجي پيشاب جي رنگ ڏانهن گهڻو ڌيان ڏيندا ڪيو، ڇو ته اهو اسان جي عام صحت بابت آگاهي ڏيندڙ بهترين ذريعو آهي. جيڪڏهن توهان جي جسم ۾ پاڻي مناسب يا گهربل مقدار ۾ هجي ته پيشاب جو رنگ گهڻي قدر اڇو ئي رهندو آهي. پر جيڪڏهن ان جو رنگ گهڻو ڳاڙهو يا ڦِڪو ٿي وڃي ته اها ان ڳالهه جي علامت ٿي سگهي ٿي ته گردن ۾ ڪو مسئلو ٿي پيو آهي ۽ اتي گڏ ٿيندڙ ڪچرو مناسب طريقي سان نيڪال نه ٿي رهيو آهي يا ضايع نه ٿي رهيو آهي.

ننڊ جو نه اچڻ

جيڪڏهن توهان ننڊ نه اچڻ جي مسئلن سان منهن ڏئي رهيا آهيو ته جسم ۽ ذهن جي پريشاني جي علامت به ٿي سگهي ٿي. جنهن وقت اسان سمهندا آهيون ته تناءَ جو سبب بڻجندڙ هارمون ڪورٽيسول جي شرح کي گهٽائيندو آهي. پر جڏهن اسان تناءَ جو شڪار هوندا آهيون ته ائين ناهي ٿيندو ۽ بي خوابي جي شڪايت پيدا ٿي ويندي آهي. اهڙي صورت ۾ جسم پنهنجي پاڻ مرمت ڪرڻ کان قاصر بڻجي ويندو آهي ۽ ٻين بيمارين جا خطرا وڌي ويندا آهن.

سدائين ٿڪاوٽ جو احساس

جيڪڏهن توهان گهربل ننڊ ڪرڻ جي باوجود به سڄو ڏينهن ٿڪاوٽ جو شڪار محسوس ڪري رهيا آهيو ته اها توهان جي ٿائيرائيڊ ۾ مسئلي جي علامت به ٿي سگهي ٿو. ميٽابولزم جي شرح کي ڪنٽرول ڪندڙ ان خاموش غدود ۾ خرابي جو مطلب اهو آهي ته توهان جو جسم بنا ڪنهن ضرورت جي به سڄي جسم جي توانائي استعمال ڪري رهيو آهي. اهو مسئلو توهان جي جسم کي ڪيرائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڇو ته ان جي ڪري معمول جو ڪم ڪرڻ ۾ به ڏکيائيون پيش ٿينديون آهن.

گهڙي گهڙي پيشاب اچڻ

جنهن وقت ذيابطيس ٽائيپ ٽو جو مرض ٿي ويندو آهي ته جسم لاءِ کاڌي کي ڳارڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي جنهن کي توانائي جي لاءِ پيٽرول طور استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙي نتيجي ۾ کنڊ رت جي وهڪرن ۾ گڏ ٿيڻ لڳندي آهي، جتي اها چپ چاپ ۾ رت جي رڳن ۽ اعصاب کي گهڻو نقصان پهچائيندي رهندي آهي. هڪ تحقيق موجب بي قراري سان گلوڪوز جي ان وڏي مقدار کي ضايع ڪرڻ جي ڪوشش پيشاب جي ذريعي نيڪال ڪري ڪندو آهي ۽ گهڙي گهڙي باٿروم وڃڻو پوندو آهي. اهڙي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو جيئن گلوڪوز جي سطح بابت ڄاڻي سگهو. ذيابطيس جي مرض جي جيتري جلدي سڃاڻپ ٿي وڃي اوتري ئي زندگي جي ڪاروهنوار ۾ تبديليون آڻڻ سوليون هونديون آهن. جڏهن ته ورزش ۽ جسم جي وزن ۾ گهٽتائي کي به مقصد بڻائي سگهجي ٿو.

گهڻي کنگهه ٿيڻ

ڏٺو وڃي ته کنگهه هڪ عام بيماري آهي، پر پوءِ اها آهي ته بيماري ئي نه؟ اها عام کنگهه جيڪڏهن توهان کي گهٽ ئي نٿي ٿئي ۽ توهان کي ڪنهن قسم جي الرجي، دم يا ساهه جو مسئلو به ناهي ته اها علامت خطرناڪ آهي. لڳاتار کنگهه هجڻ ڦڦڙن جي ڪينسر جو سبب به هوندي آهي. جڏهن ته اها ڳلي جي ڪينسر جو به سبب هوندي آهي.

چپ ڦاٽڻ

چپ ڦاٽڻ هونئن ته موسم جي ڪري به شروع ٿي ويندا آهن پر چپن جي ڪنڊن يا پاڙن کان ڦاٽڻ اها ڳالهه ظاهر ڪندو آهي ته توهان جي جسم ۾ وٽامن 12 نستعليق جي کوٽ ٿي وئي آهي. اها وٽامن جي کوٽ ڪيترن ئي صحت جي مسئلن جهڙوڪ رت جي کوٽ جي بيمارين جو سبب به بڻبي آهي. ان وٽامن جي کوٽ بابت وقت کان اڳ آگاهه ٿي توهان پنهنجو پاڻ کي ٻين مسئلن کان بچائي سگهو ٿا.

گهڻي ٿڌ محسوس ڪرڻ

جيڪڏهن توهان کي گهڻي ٿڌ محسوس ٿيندي آهي ته اهو ان ڳالهه جو اشارو ٿي سگهي ٿو ته توهان کي پنهنجي جسم جي بچاءَ واري نظام کي وڌائڻ جي ضرورت آهي يا اهو نظام مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي. اها علامت وٽامن سي جي کوٽ يا ڪنهن وائرس جي حملي جي نشاني به ٿي سگهي ٿي جنهن بابت توهان کي ڪا ڄاڻ نه هجي. اهڙي صورت ۾ هڪ رت جي ٽيسٽ جي ذريعي پاڻ کي مسئلن کان اڳ بچائي سگهجي ٿو ۽ پنهنجي صحت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي.

گهڻا گوگهرا اچڻ

گوگهرا اچڻ اچڻ هڪ عام علامت آهي، پر ڇا توهان کي خبر آهي اها دل جي بيمارين جو اشارو به ٿي سگهي ٿو. هڪ تحقيق موجب گوگهرا هڻڻ واري ماڻهن ۾ رت جي رڳن جي مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي جنهن جي ڪري ڳچي جي رڳن جو ٿلهو ٿيڻ هوندو آهي جيڪو فالج ۽ دل جي دوري جو سبب بڻبو آهي. حقيقت ۾ گوگهرا سگريٽ نوشي، هاءِ ڪوليسٽرول يا ٿولهه کان وڌيڪ ڳچي جي مُک رڳ کي نقصان پهچائينديون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.