پراڻ ندي کي گهارو، پنگريو جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ

پنگريو( ن ع آ )پراڻ ندي کي ايم ايم ڊي 4 آر ڊي وٽان لڳل گھارو 18 ڏينھن به ٻڌجي نه سگھيو. پاڻي پنج يونين ڪائونسلون ٻوڙيندو نيٺ پنگريو شھر جي وارڊ نمبر 3 جي ڳوٺن چوڌري صادق آرائين، درياء خان لغاري، دودو ڪنڀار سميت ٻين مختلف ڳوٺن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي، جنھن کانپوءِ ضلعي انتظاميه پاران پنگريو شھر جي گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ۽ غريب آباد کي پنگريو شھر جي باءِ پاس کان رنگ بند ڏئي شھر ڏانھن ايندڙ پاڻي کي روڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي ايل بي او ڊي کي 211 وٽان  قدرتي وھڪري جي بحالي بدران 110 آر ڊي وٽان ڪٽ ڏيڻ جي  فيصلي کي پنگريو واسين رد ڪري ڇڏيو آھي. جنھن تي پنگريو جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آھي ته رنگ بند ڏيڻ سان به پنگريو شھر بچي نه سگهندو، پهرين ايم ايم ڊي جو گھارو بند ڪرايو وڃي جتان پاڻي اچي رھيو آھي. شھرين جو چوڻ آھي ته ايل بي او ڊي کي 211آر ڊي وٽان قدرتي وھڪرو بحال ڪرايو وڃي. شھر جي چؤ طرف پاڻي اچڻ سبب رھواسي سخت خوف۽ ھراس ۾ ورتل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.