منڇر مان سنڌو ۾ ڇوڙ باوجود رستا به بحال نه ٿيا، بيمارين منهن ڪڍيو

ميھڙ/سيوهڻ/ جوهي( رپورٽ:فراز چنا+ خالد ميمڻ+ اسماعيل پيرزادو) منڇر ۾ لاٿ، سنڌو ۾ پاڻي جو ڇوڙ ٿيڻ باوجود سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڻي سست رفتاري سان لهي رهيو آهي، جنهن سبب اڃا تائين انڊس هاءِ وي به ظاهر ناهي ٿيو. ميهڙ، جوهي رنگ بند تي دٻاءُ موجود آهي. ميھڙ ۾ پاڻي ۾ ھلڪي ھلڪي لاٿ جاري آهي پر ھن وقت تائين انڊس ھاءِ وي به ظاھر ناھي ٿيو نه ئي وري ڳوٺن ڏانھن ايندڙ ويندڙ رستا ظاھر تي سگھيا آھن . ميھڙ ۾ ھزارين ٻوڏ متاثر ن جي واھر ناھي ٿي سگھي . ڊي سي دادو پاران جوڙيل راشن ڪاميٽي به ھن وقت تائين راشن ورھائڻ بابت   طريقي ڪار جوڙي ناهي سگھي. ميھڙ ۾ سٽي ھوٽل ڀرسان قائم ٽينٽ سٽي به سھولتن کان مڪمل وانجھيل آھي ٽينٽ سٽي کي لڳائي 4 ڏينھن گذري ويا آھن پر ھن وقت تائين ٽينٽ سٽي ۾ پاڻي توڙي واش روم وارو مسئلو به حل ناھي ٿي سگھيو . منڇر جي سطح 122 آر ايل مان گھٽجي 121.7 آر ايل تي پھچي وئي. سيوھڻ تعلقي جي 10 متاثر يونين ڪائونسلن جي سوين ڳوٺن مان پڻ منڇر جي ٻوڏ جي بيٺل پاڻي ۾ به ٽن ڏينهن اندر 3 فٽن تائين لاٿ اچي وئي آھي جنھن ڪري ڄاڻايل يوسين جي مختلف ڳوٺن ڪرمپور، باغ يوسف، آراضي، ٻلھڻ، ڀوتڙا  سميت ٻين ڳوٺن تان پاڻي جو دٻاءُ گھٽ ٿيڻ لڳو آھي. ھوڏانھن سنڌو درياه ۾ لاٿ اچڻ بعد منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ وارو پاڻي جو به سنڌو درياءَ  ۾ ھڪ لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ ڇوڙ جاري آھي. جھانگارا ۽ باجارا شھرن جو سيوھڻ سان زميني رابطو پڻ بحال ٿي ويو آھي. ٻئي پاسي ايل ايس بچاءُ بند تي لڳل چئن ڪٽن واري ھنڌ تان سرڪاري ٻيڙيون نه ھجڻ سبب خانگي ٻيڙين وارا ملاح ٻوڏ متاثرن کان 2 سئو روپين کان 3 سئو روپيا ڪرايو وصول ڪرڻ لڳا . جوهي ۾ هٿرادو ٻوڏ عوام جا ڳوٺ شھر گهر مڪمل ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيا هزارين رهواسي ڪئمپن ايف پي بند، بئراج ، سرڪاري توڙي خانگي جڳهن، رستن تي بي يارو مددگار آهن. سخت گرمي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شديد کوٽ سبب ٻاڙو ۽ کارو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب سوين ننڍا وڏا مرد عورتون  معصوم ٻار نياڻيون مڇرن جي آزار سبب مليريا  گيسٽرو ۽ چمڙي سميت پيٽ جي خطرناڪ مهلڪ بيمارين ۾ ورتل آهن. دادو بار،  جوهي جي صدر مشتاق احمد رند، سڪندر علي سومرو  ڪامريڊ قربان کوکر ،غلام قادر لغاري،  شاعر خليل عارف سومرو ، جمن سنڌي، عبدالرحيل سرهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب جوهي اڳيان ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته هاڻ جوهي جو ماڻھون ائين آھي جئين حالت جنگ هجي جنهن جا رستا  بند آهن.جوهي ۾ ٿيندڙ موت ۽ مصيبت جا زميوار چونڊيل نمائندا آھن   آخر ۾ ھنن وزير اعظم پاڪستان ,  سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس, آرمي چيف ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته جوهي ۾ بجلي ايمر جنسي بنيادن تي بحال ڪرائي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي متاثرين جي واهر ڪري بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻئي طرف احتجاجي مظاهرا بک هڙتالن جو اڻ کٽ سلسلو جاري رهندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.