سنڌ ۾ ٻوڏ سبب صحت جو بحران، ڊينگي، مليريا ۽ پيٽ جي بيمارين ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اختيارين خبردار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ تازي ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ صحت جو بحران جنم وٺي سگهي ٿو، ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو جي ڪوششن دوران طبي شعبي سان تعلق رکندڙ ماهر ڊينگي، مليريا پيٽ جي بيمارين ۾ اضافو ڏسي رهيا آهن.

ٻوڏ متاثر ڪيترائي ماڻهو بيٺل پاڻي وٽ ترسيل آهن، ڊينگي سبب ڪيتريون ئي فوتگيون ٿي چڪيون آهن، بي بي سي مطابق سنڌ ۾ ڊينگي جا 3830 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن ، هيل تائين 12 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، خدشو آهي ته اهي انگ اکر اصل صورتحال کان گهٽ آهن.

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر عبدالغفور شورو بي بي سي کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ صورتحال تمام خراب آهي، اسان پوري صوبي ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳائي رهيا آهيون، وڌيڪ ڪيس ڊينگي جا آهن، مليريا ٻئي نمبر تي پکڙجندڙ بيماري آهي.

هن چيو ته ڊينگي جي ڪري پوري صوبي ۾ ئي دٻاءُ آهي،ان ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن اسان ليبارٽرين کان معلوم ڪيو ته شڪي ٽيسٽن جي ڀيٽ ۾ تقريبن 80 سيڪڙو آهن.

ڊاڪٽر خالد کوسي چيو ته اسان روزانو سوين مريض ڏسي رهيا آهيون، پر گهڻا اهڙا آهن جن کي اسان ڏسي نٿا سگهون، ايئن ناهي ته رڳو اسان سان ايئن ٿي رهيو آهي، پوري صوبي ۾ اهو حال آهي، مون کي ڊپ آهي ته اسان هڪ انساني تباهي کي جنم وٺندي ڏسي رهيا آهيون،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.