”سم نالي کي زيرو پوائنٽ تان ڪٽ ڏيو“ جهڏي واسين جو ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو

جهڏو(ن ع آ) جهڏو ۾ ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي سڏ تي آبادگارن، عوامي تحريڪ، جسقم ۽ ايس ٽي پي سوڌو مختلف تنظيمن  جي ڪارڪنن  زيرو پوائنٽ تي ڪٽ نه هڻڻ خلاف ڌرڻو هڻي مٺي -ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنھن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.ان موقعي تي اياز کوسو،  محب ڀيل، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، قادر ڀنڀرو، نياز کوسو، عباس کوسو، اشفاق لغاري، شوڪت چانڊيو، ممتاز ميمڻ، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پاڻي جي قدرتي وهڪرن تي آر ڊي 211 زيرو پوائنٽ تي قبضا ڪيا ويا آهن، جنهن سبب پنج ضلعن جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه پيو ٿئي، لکن جي تعداد ۾ عوام ٻڏي تباهه ٿي ويو آهي پر سنڌ سرڪار پاڻي جا قدرتي لنگهه بحال ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته پاڻي نيڪال جو واحد حل زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ آهي، هنگامي بنيادن تي ڪٽ ڏئي عوام کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. هنن چيو ته جهڏي شهر ۾ 5 فٽ بيٺل پاڻي هاڻي ڌپ ڪري ويو آهي، جنهن سان مليريا، ڊينگي ۽ گيسٽرو منهن ڪڍيو آهي، ماڻهن جي علاج لاءِ ڪابه سهولت ناهي، جڏهن ته زمينون ٻڏي وڃڻ ڪري هاري مزدور ۽ ڏهاڙي دار طبقو غربت ۽ مفلسي جي ور چڙهي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.