خيرپور ڀرسان سم نالي کي گهارو، 5 سئو گهر ٻڏي ويا

خيرپور (س ر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڪشمير،ڳوٺ سائيدا ڪٽوهر، ڳوٺ گل شير ڪٽوهر ۽ ٻين ڳوٺن کي لڳل سم نالي جو گهارو اسلام آباد جي اين جي اوز پاڪ ايڊ ويلفئير ٽرسٽ جي ٽيم خيرپور پهچي وئي ،سم نالي کي لڳل گهارو بند ڪرايو ۽ متاثرين جي مدد ڪئي ، ان موقعي تي پاڪ ايڊ ويلفئير ٽرسٽ اين جي اوز جي اڳواڻ مولانا اويس احمد ڦلپوٽو اخبار وارن کي ٻڌايو ته خيرپور شهر کي بچائڻ لاءِ خيرپور ضلعي انتظاميه سم نالي کي هٿرادو ڪٽ لڳايو هو جنهن سبب هزارين ايڪڙ زمين تي پوکيل فصل لڙي ويا ۽ 5 سئو کان گهر پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن پر 25 ڏينهن کان مٿي عرصو گذرڻ جي باوجود هن وقت تائين هن علائقي ۾ چونڊيل نمائيندو توڙي انتظاميه وارا لڙي به ناهن آيا، ڳوٺاڻا عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن پرسم نالي کي لڳل گهارو بند نه ٿو ڪيو وڃي، جتي اسلام آباد جي اين جي اوز جي مدد سان سم نالي کي لڳل گهارو بند ڪرائي رهيا آهن، سوين ايڪڙن ۾ 5 کان 7 فوٽ پاڻي نڪال ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو،اسان جي ڪوشش آهي ته ڳوٺاڻن جي گهرن مان پاڻي نيڪال ڪريون ته جئين ڳوٺاڻا ٻيهر اچي پنهنجي اجهن  ۾ آباد ٿين، اسان پاڪ ايڊ ويلفيئر ٽرسٽ اين جي اوز جنهن اسان جي مدد ڪئي آهي، اسان ڳوٺاڻن کي پهرين ڏينهن کاڌ خوراڪ سميت ٻيو روز مره جون شيون ڏئي رهيا آهن ته هي زندگي گذاري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.