پرڏيهه مان ملندڙ مدد جا تفصيل عوام آڏو رکيا وڃن: امداد قاضي

حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جي اتحاد پروگريسو الائنس جي ڪنوينر ڪامريڊ  امداد قاضي مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت، سمورا رياستي ادارا، صوبائي حڪومتون ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت اڄ تائين جنهن  به ملڪ کان امداد جي مد ۾ جيڪو ڪجھ وصول ڪيو آهي ان جي تفصيلن کان عوام کي آگاہه ڪيو وڃي. ڪامريڊ امداد قاضي پارٽي آفيس نسيم نگر تي پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته ٻاهرين ملڪن کان ملندڙ رقم ۽ امدادي شيون سمورن متاثر صوبن ۾ نقصان مطابق ورھايون وڃن، هر هڪ صوبي ۾ ڪيتري رقم سميت امدادي شيون ڏنيون ويون آهن اهو به عوام جي سامهون آندو وڃي. هن چيو ته سنڌ، بلوچستان، سرائیڪي وسيب، پختونخوا ۽ گلگت بلتستان جي سمورن متاثر ضلعن جي تفصيلن کان عوام کي آگاہه ڪري نقصانن جي شدت جي حساب سان امداد تقسيم ڪئي وڃي، هر هنڌ متاثر خاندانن کي سمورين بنيادي سهولتن سان گڏ پڪا گهر ٺاهي ڏنا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.