راضي ديري ۾برسات جون تباهيون، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ، متاثر دربدر

راضي ديرو (رپورٽ : خالد حسين کهڙو ) راضي ديرو پوري سنڌ جيان تعلقي گمبٽ جي قديمي ڳوٺ 500 گهرن کان مٿي مشتمل ڳوٺ ۾ طوفاني برسات ڪاراڻي بعد ڳوٺ دلاور کهڙو ۾ پورهيت مسڪينن مزدور طبقي جي ماڻهن داهيندي چيو ته داتا فيض درياء انباه شريف درگاه جي فقير رمضان کهڙو اکين جهڙي نور کان محروم بڻيل شاهد حسين کهڙو ڀٽائي گهوٽ جي پانڌيئڙي علي حيدر کهڙو، نظام حسين کهڙو محمد خان ڪوري طالب حسين ڪوري محمد جمن ڪوري علي مراد شيخ ديدار علي شيخ اقبال علي شيخ رضوان احمد کهڙو لعل بخش کهڙو مسعود احمد کهڙو نذير احمد کهڙو لاهوتي حسين بخش کهڙو ميهر علي کهڙو طالب حسين کهڙو قربان علي کهڙو اڪبر علي کهڙو اڪرم علي کهڙو اصغر علي کهڙو صابر علي کهڙو صحافي ۽  سماجي رضا ڪار خالد حسين کهڙو سوڌو ٻين 60 کان مٿي مزدور طبقي ۽ غريبن جا گهر ڪري پٽ ٿيڻ سبب اسان هن وقت کليل آسمان هيٺ بي يارو مدد گار بڻيل آهيون جڏهن ته برساتي پاڻي بيهڻ بعد مڇرن مکين منهن ڪڍيو آهي جنهن سبب اسان ڳوٺاڻا ڪيترن ئي بيمارين سان منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي پيا آهيون حڪومت يا چونڊيل نمائدن پاران ڪنهن به قسم جي واهر نه ڪئي وئي آهي ڳوٺاڻن حڪومت چونڊيل نمائدن ۽ سرندي وارن دوستن کي اپيل ڪندي چيو ته هي وقت ويهڻ جو نه آهي ڪنهنجي ڪم اچڻ ئي سبب ڪجهه آهي هن وقت اسان کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل آهيون اسان کي بنا دير مڇرن ۽ مکين کان بچاء لاء اسپري ڪرائي ڏنو وڃي ۽ ان سان گڏ  راشن ٽينٽ ۽ مڇردانيون پڻ مهيا ڪيون وڃن  اسان کليل آسمان هيٺ ويٺا آهيون اسان جي واهر ڪئي وڃي اسان وٽ الله جي نالي کان سواء ٻيو ڪجهه نه بچو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.