نندو ۾ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻُو

نندو (رپورٽ: حنيف انصار ي) نندو ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن پريس ڪلب کان  شاهنواز / چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي علي حيدر پنهور، جي ڊي اي اڳواڻ  ڪامريڊ علي محمد پنهور،حاجي غلام مصطفيٰ سولنگي، يوسف لاکاٽيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بدين ضلعي انتظاميه حڪمران ڌر سان گڏجي متاثرن لاءِ آيل امداد ڪرپشن جي نذر ڪري ڇڏي، بدين ضلعي جو متاثر عوام اڄ به روڊن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آھي پر انتظاميه جيالن کي خوش ڪرڻ لاءِ رڳو ڪوڙا بل ٺاهي رهي آھي. هنن چيو ته بدين جي يونين ڪائونسل عبدالله شاهه جا ٻوڏ متاثر اڄ به ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل هجڻ سبب روڊن تي کليل آسمان ويٺل آھن پر کين نه ڪو راشن مليو آھي نه ئي وري مڇر ڌاڻي ۽ ٽينٽ ڏنا ويا آھن. هنن چتاءُ ڏنو ته متاثر عوام جي سار نه لڌي وئي ته ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻندا سين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.